ڀارتي ٽيم چيمپيئنز ٽرافي کيڏڻ لاءِ پاڪستان نه ايندي؟

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارت آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان اچڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ کيس چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان اچڻ تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي.انڊين ايڪسپريس جي رپورٽ موجب ڀارتي بورڊ جو چوڻ آهي ته ڀارتي ٽيم پاڪستان نه ويندي ۽ اهو اسان جو آخري فيصلو آهي جيڪو اسان پاڪستان کي لکيو آهي.ڀارتي بورڊ جي ذريعن موجب ڀارتي ٽيم جون ميچون دبئي ۾ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. جڏهن ته بي سي سي آءِ اختيارين کي پنهنجن خدشن کان آگاهه ڪيو ته هو غير جانبدار هنڌن تي ميچ کيڏڻ چاهين ٿا ۽ ان لاءِ دبئي بهترين جڳهه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو