نوشهروفيروز(ڊ ر) سنڌي ادبي سنگت شاخ نوشهروفيروز ۽ ماڊرن انسٽيٽيوٽ آف سائنس ۽ ٽئڪنالاجي پاران سنڌي ٻولي جي سگهاري شاعره ۽ ڪهاڻيڪارا اندرا شبنم جي ڪهاڻين جي ڪتاب “عشق عبادت” جي مهورت واري تقريب ٿي گذري. تقريب کي ڀارت مان لائيو خطاب ڪندي اندرا شبنم چيو ته مان نوشهري وارن جي ٿورائتي آهيان جن منهنجي ڪهاڻين جي ڪتاب جي مهورت ڪرائي، سچ پچ ته انڊيا ۾ به اهڙي بهترين تقريب نه ٿئي ها جيڪا نوشهري ۾ ٿي آهي. هن چيو ته کيس پنهنجي ٻولي ۽ ڌرتيءَ سان عشق آهي ۽ سندس روح اڄ به سنڌ ۾ آهي. هن چيو ته هن پنهنجي ڪهاڻين ۾ انڊيا اندر سنڌي ٻولي لاءِ جاڳرتا پئدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري زاهد راڄپر چيو ته اندرا شبنم کي سرحدون پنهنجي ڌرتي ۽ ٻولي سان پيار ڪرڻ کان روڪي ناهن سگهيون. هوءَ سنڌي ٻولي جي سگهاري شاعره ۽ ڪهاڻيڪارا آهي. سندس شاعري ۽ ڪهاڻين جو محور سنڌ جا ماڻهو ۽ سنڌي ٻولي آهن. هن چيو ته اندرا شبنم هندوستان ۾ سنڌي ٻولي کي بچائڻ لاءِ هڪ سگهارو آواز آهي. سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي آڊيٽر ڄام محبت سهتي چيو ته اندرا شبنم سنڌي ٻولي، شاعري ۽ نثر ۾ وڏو ڪم ڪيو آهي. هوءَ هندوستان ۾ ويهي به سنڌيت جي پچار ڪندي رهي ٿي. هن چيو ته سندس ڪهاڻيون فن ۽ فڪر سان ڀرپور آهن. هوءَ هڪ بيباڪ، ارڏي، سچيت شاعره ۽ ڪهاڻيڪارا آهي. سنڌي ادبي سنگت جي ضلع رابطه سيڪريٽري سيد مختيار علي شاهه چيو ته اندرا شبنم سنڌ وارن سان هر پل رابطي ۾ رهي ٿي جنهن مان ثابت آهي ته هن جو روح سنڌ ۾ آهي. ان موقعي تي مظهر خاصخيلي، ضمير الحسين وسطڙو، اقبال گاڏهي، ارباب ملاح، راڻا شير محمد، شريف سومرو ۽ ٻين خطاب ڪندي اندرا شبنم کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي.
تازيون خبرون
مشهور خبرون
