ڀارت کان آزادي ۽ ڌار وطن لاءِ سکن جو سڀاڻي ريفرنڊم

اوٽاوا ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت کان آزادي ۽ سکن لاءِ ڌار وطن خالصتان جي مطالبي لاءِ ڪئناڊا ۾ سڀاڻي ريفرنڊم ٿيڻ وارو آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب ريفرنڊم لاءِ ووٽنگ کان اڳ ڪئناڊا جي شهر ٽورنٽو ۾ سياسي ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي.ميڊيا رپورٽن موجب سياسي ڇڪتاڻ سبب مڇريل ماڻهن هڪ مندر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي جنهن تي ڀارتي حڪومت طرفان ڪئنيڊين حڪومت کان واقعي ۾ ملوث ڪردارن خلاف فوري ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو آهي.واضح رهي ته ريفرنڊم جي حمايت ۾ وڏي پئماني تي سرگرميون اڳ ئي شروع ٿي چڪيون آهن ۽ ريفرنڊم جي ڪاميابي لاءِ مختلف علائقن ۾ تقريبون پڻ ڪوٺايون ويون آهن.ياد رهي ته برطانيا سميت مختلف يورپي ملڪن ۾ سکن جا ڌار وطن لاءِ ريفرنڊم ٿي چڪا آهن جنهن هزارن جي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو