ڀارت 4 وڪيٽن تان نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي

ڌرمشالا(ويب ڊيسڪ) 274جو ٽارگيٽ چيز ڪرڻ لاءِ ڀارت جارحاڻو رويو اختيار ڪيو ۽ 2 اوور باقي هئا ته ڀارت 4 وڪيٽن تان هن وقت تائين ناقابل شڪست رهندڙ نيوزيلينڊ کي شڪست ڏئي ڇڏي. جديجا وننگ شاٽ کيڏندي چوڪو هنيو ۽ هو 39 رنز تي ناٽ ائوٽ رهيو. ان کان اڳ ڪپتان روهت شرما 4 چوڪن ۽ 4 ڇڪن جي مدد سان 40 بالن تي 46 رنز ٺاهيون ته لڪئي فرگوسن کيس بولڊ ڪيو. چوڏيهن اوور ۾ 76 جي مجموعي اسڪور تي 26 رنز ٺاهي سبمن گل فرگوسن جي بال تي ڊيرل مچل هٿان ڪيچ ٿيو. شريياس آئر بولٽ جي بال تي ڪانوي هٿان ڪيچ ٿيو هن 33 رنز ٺاهيون. 182 جي مجموعي اسڪور تي ڪي ايل راهل کي مچل سينتنر ايل بي ڊبليو آئوٽ ڪيو، امپائر نه ڏنو پر رويو ۾ آئوٽ ٿيو. 191 جي مجموعي اسڪور تي سورياڪمار ياديو بولٽ جي ٿرو تي رن آئوٽ ٿيو. جنهن بعد ڪوهلي ۽ رويندرا جديجا اسڪور اڳتي وڌايو. ڪوهلي سينچري نه ڪري سگهيو ۽ 95 رنز تي ڇڪي جي چڪر ۾ هينري جي بال تي گلين فلپ هٿان ڪيچ ٿيو، ان وقت انڊيا کي کٽڻ لاءِ 5 رنز گهربل هيون ۽ ڪوهلي کي سينچري لاءِ به 5 رنز گهربل هيون. ڪوهلي جي سينچري ٿئي ها ته هو ٽنڊولڪر جي 49 هين سينچري جو رڪارد برابر ڪري ها. ان کان اڳ نيوزيلينڊ 50 اوورن ۾ 273 رنز اسڪور ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. محمد شامي جنهن ورلڊ ڪپ جي پهرين ميچ کيڏي تنهن 5 وڪيٽون ورتيون. هي پهريون ڀارتي رانديگر آهي جنهن ورلڊ ڪپ ۾ ٻه ڀيرا پنج پنج وڪيٽون ورتيون آهن. ڊيرل مچل سينچري اسڪور ڪئي، 5 ڇڪن 9 چوڪن جي مدد سان 127 بالن تي 130 رنسون ٺاهيون. رچن رويندرا 75 رنسون ٺاهيون، گلين فلپ 23، ول ينگ 17 رنسون ٺاهيون، ڊيون ڪانوي، مسٽ هينري ۽ ٽرينٽ بولٽ بنا رن ٺاهڻ جي آئوٽ ٿيا. مٿين رانديگرن کانسواءِ ٻيو ڪو به بيٽسمين ڊبل فگر ۾ داخل نه ٿي سگهيو. ڪلديپ ياديو ٻه سراج ۽ بومرا هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ ۾ ڀارت ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ميچ کيڏي پئي وڃي، جنهن ۾ ڀارت ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو