ڀارت ڪنڊيشن کان واقف آهي، اسان رڳو هڪ ميچ کيڏي آهي

دبئي (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مچل سينٽنر ڀارتي اسپنرن کي چيلينج قرار ڏيندي چيو آهي ته دبئي جي وڪيٽ تي 250 اسڪور به وننگ ٿي سگهي ٿو. دبئي ۾ فائنل کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي مچل سينٽنر چيو ته ڀارت خلاف کيڏڻ وڏو چيلينج آهي، اهي ڪنڊيشن کان چڱي ريت واقف آهن، اسان رڳو هتي هڪ ميچ کيڏي آهي. هن چيو ته اسان وٽ ڪجهه نوان رانديگر آهن، جيڪي پهريون ڀيرو آءِ سي سي ٽورنامينٽ جو فائنل کيڏي رهيا آهن، دبئي جي وڪيٽ سلو هوندي، بهتر راند پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته ڀارتي اسپنرن کي کيڏڻ چيلينجگ هوندو پر اسان جا بيٽر اسپنرن کي بهتر کيڏڻ جي صلاحيت رکن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو