ڀارت ڪينيڊا جي الزام کي سنجيدگي سان وٺي ،آمريڪا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)امريڪا ڀارت کان سـِک اڳواڻ جي قتل واري معاملي تي ڪينيڊا جي الزام کي سنجيدگي سان وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. واشنگٽن ۾ پريس بريفنگ دوران امريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿو ملر چيو ته سـِک اڳواڻ هرديپ نجر جي قتل واري معامل تي امريڪا ڀارت کان ڪينيڊا جي الزامن کي سنجيدگي سان وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته امريڪا واضع ڪري ڇيو آهي الزام سنگين آهن، ڀارت ڪينيڊا طرفان قتل جي سازش الزامن کي سجيده وٺي. شنگهائي تعاون اجلاس بابت ڳالهائيندي هن چيو ته ڪثير الجهتي فورم ۾ شرڪت ۾ عالمي قانون جي پاسداري ۽ احترام کي يقيني بڻائڻ جي حوصلا افزائي ڪن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو