ڀتو نه ڏيڻ تي خارجين 17 شهرين کي اغوا ڪري ورتو

لڪي مروت (ويب ڊيسڪ) فتنه الخوارج سان واسطو رکندڙ دهشتگردن خيبر پختونخواهه جي ضلعي لڪي مروت جي علائقي ڪبل خيل ۾ ڀتو نه ڏيڻ تي 17 شهرين کي اغوا ڪري ورتو. فتنه الخوارج جي دهشتگردن ڪبل خيل ۾ ڀتي لاءِ 17 سويلين ورڪرز کي اغوا ڪيو، اغوا ڪيل ورڪر هٿين خالي هئا، جڏهن ته دهشتگردن مقامي ٺيڪيدار جي گاڏي کي به باهه ڏئي ڇڏي. سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن 8 مغوي ورڪرن کي حفاظت سان آزاد ڪرائي ورتو. سيڪيورٽي ذريعن موجب ٻين ورڪرن کي به آزاد ڪرايو ويندو، ان حوالي سان آپريشن جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو