سکر ( رپورٽر) سکر جي اليڪشن ٽربيونل پي ايس 22 پنوعاقل تي ڄام اڪرام ڌاريجو جي ڪاميابي خلاف درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. اليڪشن ٽربيونل سکر ۾ جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو، جي يو آءِ اميدوار مبين خان بلو جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ڄام اڪرام ڌاريجو چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪئي ان باوجود ايم پي اي ڪامياب قرار ڏنو ويو آهي. وڪيل چيو ته پي ايس 22 پنوعاقل جي فارم 45 تحت جي يو آءِ اميدوار مبين خان بلو ڪامياب ٿيو پوءِ به کيس هارايو ويو. وڪيل چيو ته جي يو آءِ اميدوار جا 5 هزار کان وڌيڪ ووٽ خارج ڪري ڊبل ٺپا هنيا ويا، ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ ڪرائي آڱوٺن جي چڪاس ڪرائي وڃي. اليڪشن ٽربيونل، جي يو آءِ اميدوار مبين بلو جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪندي اليڪشن ڪميشن، ڄام اڪرام ڌاريجو ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 10 مئي تي جواب طلب ڪري ورتو.
پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ سول نافرماني جي تحريڪ
سنڌيار سکر 17 ڊسمبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 17 ڊسمبر 2024ع
ڇوڪرين جي تعليم لاءِ اهم پليٽ فارم شروع ڪرڻ جو فيصلو
ايسٽرولوجي الرٽ، ڪنهن ڪنهن کي محطاط رهڻ گهرجي؟
اعجاز ميمڻ ’سي پي جي ايم پي‘ جو چيئرپرسن مقرر
آمريڪا ۽ ڪئنادا جي سنڌين جي تنظيم ’سانا‘ جا نوان عهديدار
گنڊاپور کي عمران سان ملاقات جي اجازت نه ملي ، انتظار کان پوءِ روانو
ڪو وي پي اين بلاڪ ناهي ڪيو ۽ نه ڪنداسين: پي ٽي اي چيئرمين
پراڻي دشمني تان فائرنگ، 14 ورهين جو نينگر مارجي ويو
حڪومت ڳالهين ۾ سنجيده آهي ته اسان ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهيون
پيپلزپارٽي جمهوريت جو راڳ الاپيندي ٿڪبي نه آهي: حيدري
پنجاب کي سڄي دنيا لاءِ واپار ۽ سرمائيڪاري جو مرڪز بنائينداسين
اسٽيٽ بئنڪ پاران وياج جي شرح ۾ 2 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان
نواب ولي محمد ۾ پوليس ڪارروائي، جوابدارگرفتار، چرس هٿ
ميهڙ ۾ پلال کي لڳل باهه مان هڪ شخص جو لاش هٿ
پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ ممڪن ناهي، عدليه ٽرڪ جي بتي پويان لڳائي وئي آهي
اي پي ايس سانحو ملڪي تاريخ جو ڪارو ترين ڏينهن آهي: بلاول
حڪومت ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين جو ڪوبه فائدو نه ٿيندو: شيخ رشيد
اي پي ايس سانحي کي 10 سال گذري ويا، ورسي اڄ ملهائي پئي وڃي