ڄڃ سان گڏ ويندڙ موٽرسائيڪل سلپ،2 نوجوان فوت،خوشيون ماتم ۾ تبديل

نئون ديرو( ن س) لاڙڪاڻي کان خانواهه ويندڙ ڄڃ سان گڏ ويندڙ موٽر سائيڪل سلپ جنهن تي سوار نوجوانن مٿان بس چڙهي وئي جنهن ڪري 2 نوجوان فوت ٿي ويا،خانواهه واسي 2 نوجوان علي ۽ جاويد جروار فوت ٿي ويا شاديءَ جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون حادثي سبب ٻئي نوجوان زخمي ٿي پيا جن کي علاج لاءِ نئون ديرو اسپتال آندو ويو جتي نوجوان جاويد فوت ٿي ويو جڏهن ته ٻئي نوجوان کي لاڙڪاڻي نيو ويو جتي ٻيو نوجوان علي جروار به فوت ٿي ويو مائٽن جي شادي تي لاڙڪاڻي ڄڃ سان گڏ وياسين واپس موٽڻ دوران خانواه ڳوٺ جي لاڙي وٽ نوجوانن جي موٽرسائيڪل سلپ ٿي وئي جنهن جي پٺيان ايندڙ بس ٻنهي نوجوانن مٿان چڙهي وئي جنهن ۾ اسان جا ٻئي نوجوان فوت ٿي ويا آهن، نئون ديرو اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد لاش گهر پهچڻ تي شاديءَ واري گهر ۾ ماتم برپا ٿي ويو. وارث عورتون ۽ مرد لاش کي چنبڙي دانهون ڪري روئيندا رهيا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو