چائنا ڪٽنگ ڪرڻ وارا اهم عهدن تي فائز آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته چائنا ڪٽنگ ڪندڙ ايم پي اي، ايم اي اين ۽ يو سي چيئرمين عهدن تي فائز آهن.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته پيپلز پارٽي اڄ هڪ نئون ڪم ڪرڻ واري آهي، اهي بلاول ڀٽو جي عوام سان ڪيل واعدن کي قدم قدم تي پورو ڪري رهيا آهن.هن چيو ته پيپلز پارٽي سڄي ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم ڪرائي رهي آهي، ۽ ڪراچي ميٽروپوليٽن ميونسپلٽي اڄ فيڊرل بي ايريا ۾ ترقياتي ڪم شروع ڪري رهي آهي.ڪراچي جي ميئر جو چوڻ آهي ته فيڊرل بي ايريا ۾ صرف 90 ڏينهن ۾ 178,000 پيونگ بلاڪ لڳايا ويا ۽ 100 ملين رپين جا ترقياتي ڪم ڪيا ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو