چارسده ۾ تيز برسات، ڇت ڪرڻ سبب 5 ڄڻا فوت

چارسده (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي راڄڌاني پشاور ۽ چارسده ضلعي ۾ طوفان ۽ تيز برسات کانپوءِ ڪيترن ئي علائقن جون ڇتون ڪري پيون.ريسڪيو ذريعن موجب چارسده جي علائقي ترنگزئي خٽ ڪورونا ۾ تيز هوائن ۽ طوفان سبب هڪ ڪمري جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا. ريسڪيو ذريعن موجب چارسده ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب فوت ٿيلن ۾ مڙس، زال ۽ 3 ٻار شامل آهن.ريسڪيو ذريعن موجب زخمين کي چارسده جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو