اسلام آباد (بيورو رپورٽ) توانائي واري وزير اويس لغاري چيو آهي ته چاهيون ٿا ته عوام سياري ۾ گيس جي جڳهه بجلي استعمال ڪري. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي توانائي واري وزير اويس لغاري چيو ته عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪري رهيا آهيون، بجلي جون قيمتون گهٽ ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، وزيراعظم 26 روپيه في يونٽ بجلي گهٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ڪوشش آهي ته هر سال 6 مهينن جي لاءِ اهڙو پيڪيج کڻي اچون.چيو ته ٽرانسميشن لائنز جو وقت تي مڪمل نه ٿيڻ مهانگي بجلي جو اهم سبب آهي. منصوبن ۾ دير اسان جو نظام برداشت نٿو ڪري سگهي. اين ٽي ڊي سي جي ڪري بجلي جي ورهاست جو نظام صحيح نه آهي. اين ٽي ڊي سي ماضي ۾ به بدانتظامي جو شڪار رهيو آهي.هن چيو ته ٽرانسميشن لائنز جو وقت تي مڪمل نه ٿيڻ مهانگي بجلي جو هڪ وڏو سبب آهي انهي جي مثال اها آهي ته بجلي جي پيدا ڪرڻ جي جن منصوبن کي 2018 ۾ ختم ٿيڻو هو اهي هاڻ 2026 ۾ ٿيندا. حڪومت اصلاحاتي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي آهي. اسان سڀني کان وڌيڪ ڪلين انرجي پيدا ڪندڙ ملڪن ۾ شامل آهيون.هن چيو ته اين ٽي ڊي سي ماضي ۾ بدانتظامي جو شڪار رهيو آهي انهي لاءِ هاڻ اين ٽي ڊي سي کي ختم ڪري ڪابينه جي اجازت کان سواءِ ورهاست واري نظام کي 3 ڪمپينز ۾ ورهايو ويندو.اويس لغاري چيو ته عام صارفين ۽ انڊسٽري کي 26 روپين تائين اضافي استعمال تي رليف ڏنو ويو آهي، جنهن جو مقصد اهوئي آهي ته عوام سياري ۾ مهانگي گيس استعمال ڪرڻ جي بجاءِ بجلي جي استعمال سان پنهنجون ضرورتون پوريون ڪري. بجلي جي قيمتن تي اهو رليف صنعتن ۽ عام شهرين جي لاءِ آهي.
سنڌيار سکر 13 نومبر 2024ع
سنڌيار ڪراچي 13 نومبر 2024ع
عظيم ڪميونسٽ اڳواڻ حسن ناصر شھيد
واٽر ڪارپوريشن جي ماهوار آمدني ۾ 65 سيڪڙو اضافو
وڪيلن جا پنهنجي اصيلن تي 609 ڪيس، عدالت کي ڳڻتيءَ
آئيني بئنچ سامهون ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرڻ جو فيصلو
شڪارپور ۾ خوفناڪ روڊ حادثي ۾ 3 ڄڻا فوت
موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ خصوصي فنڊ مختص ڪرڻ جو مطالبو
سنڌ ۾ ضمني مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ 14 نومبر تي ٿيندي
گلگت کان چڪوال ويندڙ ڄاڃين جي بس سان حادثو، 18 ڄڻا فوت
صوبي ۾ دوست ۽ دشمن جي سڃاڻپ ناممڪن ٿيندي پئي وڃي:بگٽي
يوٽيوب وڊيوز ۾ نئين تبديليءَ واهپيدارن کي چيڙائي ڇڏيو
27 لک پاڪستانين جو نادرا مان رڪارڊ چوري ٿيڻ جو انڪشاف
عمران خان سان ملاقات لاءِ آيل اڳواڻ گرفتاري بعد آزاد
پوليس لائنز مسجد ۾ آپگهاتي بمبار جو مُک سهولتڪار گرفتار
سرمائيڪاري جي اوٽ ۾ فراڊ، نيب سميت ٻين جا بيان حلفي طلب
محافظ به غير محفوظ، هٿياربند جي پوليس اهلڪارن کان ڦر
حيدرآباد ۾ مبينا پوليس مقابلو، ٻه جوابدار گرفتار
سڄي سنڌ ۾ منشيات فروشن خلاف ڀرپور آپريشن
ايئرپورٽ حملي ڪيس جي جوبدارن جو جسماني رمانڊ منظور