چنڊ تي فور جي نيٽ ورڪ پهچڻ ۾ ڪامياب، ڪم ڪرڻ ۾ ناڪام

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)آمريڪي خلائي ايجنسي ۽ فنلينڊ جي ڪمپني نوڪيا گڏيل طور تي چنڊ تي پهريون 4G نيٽ ورڪ نصب ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو هو. نوڪيا پاران تيار ڪيل هڪ 4 جي ايل ٽي اي سسٽم کي آمريڪي خانگي ڪمپني انٽيٽيو مشينز پاران IM2 نالي هڪ مشن ذريعي چنڊ جي مٿاڇري تي موڪليو ويو. پر 6 مارچ تي، IM2 مشن چنڊ تي پاسي کان لهي ويو، ۽ ڪمپني 7 مارچ تي مشن کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. اهڙي طرح، نوڪيا جو 4G نيٽ ورڪ چنڊ تي منصوبي مطابق نصب نه ٿي سگهيو، پر ڪمپني جو دعويٰ آهي ته هن چنڊ تي پهريون سيلولر نيٽ ورڪ پهچايو آهي.نوڪيا نيٽ ورڪ اڃا تائين IM2 لينڊر اندر موجود آهي ۽ ڪمپني جي مطابق، باڪس ۾ نيٽ ورڪ ڪجهه وقت تائين ڪاميابي سان ڪم ڪيو.ڪمپني چيو ته هن نيٽ ورڪ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي، جيڪو ڪمانڊ وصول ڪندو هو ۽ ڊيٽا انٽيٽيو مشينز جي گرائونڊ اسٽيشن ڏانهن موڪليندو هو.ڪمپني موجب، نيٽ ورڪ مڪمل طور تي ڪم ڪندو رهيو، پر اهو صرف 25 منٽن لاءِ آن لائن رهيو، جنهن کان پوءِ بجلي هلي وئي.هي 4G سسٽم HD وڊيوز، پيغام، ۽ ٻيو ڊيٽا موڪلڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي.هي نيٽ ورڪ انتهائي تيز گرمي پد، تابڪاري ۽ خلائي ماحول ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي. ايندڙ سالن ۾، ناسا جو آرٽيمس 3 مشن انسانن کي چنڊ جي ڏکڻ قطب تي موڪليندو، ۽ 4G نيٽ ورڪ انهن لاءِ اهم هوندا.

پهنجو تبصرو موڪليو