چوري ٿيل پينٽنگس جي ڪهاڻي ۾ نئون موڙ، جاچ لاءِ ڪميٽي قائم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي ثقافت واري وزير گهوٽڪي جي آرٽسٽ جي گم ٿيل پينٽنگس واري شڪايت جو نوٽيس وٺندي جانچ لاءِ 2 رڪني ڪميٽي جوڙي چڏي آهي. ڊي جي ڪلچر ۽ ڊي جي اينٽيڪوئٽيز تي مشتمل ڪميٽي کي جانچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزير جو چوڻ آهي ته ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. ڏهرڪي جي آرٽسٽ سيفي سومرو اي آر واءِ تي هلندڙ مقبول ڊراما سيريل ’ڪڀي مين ڪڀي تم‘ جي 17هين قسط جي هڪ سين ۾ ڏسي صدمي جو اطهار ڪيو هو. هن ڊرامي ۾ مک ڪردار فهد مصطفيٰ ۽ حانيا عامر ادا ڪري رهيا آهن. 17 هين قسط جي سين ۾ سيفي جون پينٽنگس ڏسي اداڪار عماد عرفاني ۽ مايا خان سن جي تعريف ڪن ٿا. ’ پينٽنگ ڪافي خوبصورت آهن، آرٽسٽ وڏي گهرائي سان انساني جذبات جي عڪاسي ڪئي آهي‘. سيفي سومرو فيس بڪ تي لکيو ته هي پينٽگس مون 2017 ۾ فريئر هال وارن کي نمائش لاءِ موڪليون هيون، نمائش بعد مون کانئن پينٽنگس واپس ڪرڻ لاءِ چيو ته فريئر هال وارن چيو ته پينٽگس گم ٿي ويون آهن. هاڻي ڊرامي ۾ ڏسي پڪ ٿيم ته اهي وڪرو ڪيون ويون هيون ۽ مون سان ڪوڙ ڳالاهيو ويو هو. سيفي جو چوڻ آهي ته هي پينٽنگس منهنجي سنڌ يونيورسٽي جي فائن آرٽس جي ٿيسس جو حصو آهن. ڊرامو ٺاهيندڙ ڪمپني بگ بينگ انٽرٽينمينٽ، سيفي سان همدردي جو اظهار ڪندي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته اسين ڊرامي لاءِ هڪ جاءِ ڪرائي تي ورتي هئي جنهن ۾ هي پينٽگس به شامل آهن، اسين ان جو ڪرايو ادا ڪيو آهي ۽ پينٽگس جي چوري سان اسانجو تعلق ناهي ۽ اميد آهي ته ڊرامي تي ان جو منفي اثر نه پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو