اوول: (ويب ڊيسڪ) نيوزي لينڊ پنجن ميچن جي ٽي ٽوئنٽي سيريز جي چوٿين ميچ ۾ پاڪستان کي شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي.ماؤنٽ مونگانئي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ پاڪستان جي اڳواڻي سلمان آغا ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ڪيويز جي اڳواڻي مائيڪل بريس ويل ڪري رهيو آهي.ٽاس جي موقعي تي ڳالهائيندي قومي ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا چيو ته هو ميچ ۾ فتح کي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪندا ته جيئن سيريز برابر ڪري سگهن.ان موقعي تي نيوزي لينڊ جي ڪپتان مائيڪل بريس ويل چيو ته پهريون مقصد ميچ ۾ فتح سان سيريز کٽڻ آهي.
