راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، سروسز چيفس ۽ هٿياربند فوج ڪشميري عوام کي خراج تحسين پيش ڪندي سندن خود اراديت جي حمايت جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، پاڪ فوج ڪشميري عوام جي بيمثال جذبي کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي، والاريل ڪشمير جو عوام ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڏاڍ، رياستي سرپرستي ۾ ٿيندڙ بربريت ۽ انساني حقن جي جاري سنگين ڀڃڪڙين جي سخت لفظن ۾مذمت ڪري ٿي. آءِ ايس پي آر موجب، ظلم جي مقابلي ۾ ڪشميرين جو عزه پوري قوم لاءِ عزم ۽حوصلي جي نشاني آهي، پاڪستان جي هٿياربند فوج والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي جاري سنگين ڀڃڪڙين جي سخت لفظن ۾مذمت ڪري ٿي. آءِ ايس پي آر موجب، ڪشميري عدالت کان مٿانهان قتل، جبري گمشدگين ۽ جبري حراست جهڙن ظلمن کي منهن ڏئي رهيا آهن، اهي ظلمَ ڀارت جي عالمي قانون، انساني همدردي جي اصولن ۽ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو واضع ثبوت آهن. آءِ ايس پي آر موجب، عالمي برادري، انساني حقن جون تنظيمون ۽ گڏيل قومون ڪشميري عوام جي لاءِ فوري ۽ فيصلائتا قدم کڻن، يو اين جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي ڪشميرين جي مرضي موجب عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي. پاڪ فوج جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ڪشمير جي منصفاڻي مقصد لاءِ پنهنجي عزم تي ثابت قدم ۽ پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سلامتي جي حفاظت لاءِ هميشه تيار آهن.
ڪشمير خاطر ٽي جنگيون وڙهيون، 10 وڌيڪ وڙهڻيون پيون ته وڙهنداسين
اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ گوگل جيمنائي جو دلچسپ فيچر متعارف
چيني صدر سان زرداري جي ملاقات، سي پيڪ منصوبن ۾ تيزي تي ڳالهيون
ڪشمير مسئلو ڪنهن جنگ يا ڏاڍ سان حل نه ٿيندو
پاڪستان ۾ هر 25هون شهري هيپاٽائٽس سي جو شڪار
عام ماڻهو لاءِ علاج مهانگو، دوائن جي اگهن ۾ 200 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ
حڪومت ڪپهه جي پيداوار بحال ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻي،مطالبو
چڙيا گهر لاءِ ايندڙ وقت ۾ غير مقامي جانور خريد نه ڪرڻ جو حڪم
آءِ جي سنڌ پاران ڏوهارين خلاف آپريشن تيز ڪرڻ جي هدايت
وڪيلن ۽ ڊي آءِ جي وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب، جاري ڌرڻو ختم
شرجيل جي چيني مينوفيڪچرز سان ملاقات، سيڙپڪاري جي دعوت
پاڪستان سميت دنيا ۾ ڪشميرين سان ٻڌي جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي
ٽرمپ پاران غزه پٽي تي ڊگھي عرصي تائين قبضي ڪرڻ جو اعلان
جسٽس صلاح الدين پنهور سنڌ هاءِ ڪورٽ جو سينئر ترين جج مقرر
ڪشميري عوام جون قربانيون رائيگان نه ويندو : مراد شاهه
لنجار جي سکر آمد،ڪچي ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو
شرجيل پاران پرنس ڪريم جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار
صدر ۽ وزيراعظم پاران ڪشميرين جي حمايت جاري رکڻ جو عزم
چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جو ڪشميري عوام کي خراج تحسين
عالمي برادري تي دٻاءُ وجهي ته ڪشميرين کي پنهنجو فيصلو پاڻ ڪرڻ ڏئي