چيف جسٽس جي مقرري پارليماني ڪميٽي ڪندي،ترميمي مسودو

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر ) پارليامينٽ جي خصوصي ڪميٽي ۾ منظور ڪيل مسودي جا تفصيل سامهون اچي ويا.مسودي ۾ آرٽيڪل 175 اي ۾ ترميم جي تجويز ڏني وئي آهي، جنهن موجب چيف جسٽس آف پاڪستان جي مقرري خاص پارلياماني ڪميٽي ڪندي.هڪ خاص پارلياماني ڪميٽي سپريم ڪورٽ جي ٽن سينيئر ترين ججن مان هڪ کي نامزد ڪندي.مسودي جي متن ۾ چيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جي ججن جي مقرري لاءِ جڊيشل ڪميشن جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي ويندي ۽ جڊيشل ڪميشن جو سربراهه چيف جسٽس هوندو.سپريم ڪورٽ جا 4 سينيئر جج، جڊيشل ڪميشن جا ميمبر هوندا، وفاقي قانون وارو وزير ۽ اٽارني جنرل، پاڪستان بار ڪائونسل جو هڪ نمائندو جوڊيشل ڪميشن ۾ هوندو.متن ۾ چيو ويو آهي ته قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان 2-2 ميمبر جڊيشل ڪميشن جا ميمبر هوندا.عدالتي ڪميشن ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر جو هڪ هڪ نمائندو قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان ورتو ويندو.مسودي جي متن موجب ججن جي تقرري ڪميشن ۾ عورت يا غير مسلم ميمبر هوندو.اهي عورتون يا غير مسلم سينيٽ ۾ ٽيڪنوڪريٽ جي چونڊ وڙهڻ جي اهل هجڻ گهرجن. اهڙي عورت يا غير مسلم کي سينيٽ جي چيئرمين طرفان ميمبر مقرر ڪيو ويندو.26هين آئيني ترميم جي تجويز ڪيل نئين مسودي ۾ 26 ترميمون شامل آهن. نئين مسودي ۾ ٻيهر آئيني بينچ ٺاهڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جوڊيشل ڪميشن آئيني بينچن ۽ ججن جي تعداد جو تعين ڪندو ۽ جيترو ٿي سگهي آئيني بينچ سڀني صوبن جي برابر ججن تي مشتمل هوندي.متن ۾ چيو ويو آهي ته آرٽيڪل 184 تحت آئيني بينچن کي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو اختيار هوندو، آرٽيڪل 185 تحت آئين جي تشريح بابت ڪيس آئيني بينچن جي دائري ۾ ايندا.

پهنجو تبصرو موڪليو