چيف جسٽس جي مقرري: ڪميٽي اجلاس ملتوي، ساڍا 8 وڳي ٿيندو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس پاڪستان جي مقرري جي باري ۾ خصوصي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ملتوي ڪيو ويو آهي جيڪو هاڻ ساڍي 8 وڳي ٻيهر ٿيندو.خصوصي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس اڄ شام جو 4 وڳي طلب ڪيو ويو هو جنهن ۾ تحريڪ انصاف جي ميمبرن جي نه اچڻ سبب اجلاس کي ملتوي ڪري هاڻ رات جو ساڍي 8 وڳي طلب ڪيو ويو آهي.خصوصي پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ مسلم ليگ(ن) جو احسان اقبال، خواجه آصف، شائسته پرويز ملڪ ۽ اعظم نذير تارڙ شريڪ ٿيا. پيپلز پارٽي جي راجا پرويز اشرف، فاروق ايڇ نائيڪ ۽ نويد قمر، ايم ڪيو ايم جي رعنا انصار ۽ جي يو آءِ جو ڪامران مرتضيٰ به اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. سني اتحاد ڪونسل ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف پارلياماني ڪميٽي اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو هو.سينيٽر ڪامران مرتضيٰ سني اتحاد ڪونسل سان رابطو ڪري اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني هئي، سني اتحاد ڪونسل اجلاس ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو هو.قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته خصوصي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس هاڻ ساڍا 8 وڳي ٿيندو. سني اتحاد ڪونسل ۽ پي ٽي آءِ کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي. اعظم نذير تارڙ چيو ته جيڪڏهن تحريڪ انصاف جا ميمبر نه به آيا تڏهن به ڪميٽي پنهنجي ڪارروائي جاري رکندي.

پهنجو تبصرو موڪليو