اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ پهريون فل ڪورٽ اجلاس ٿي گذريو. جاري ڪيل پڌرائي موجب فل ڪورٽ اجلاس ۾ سمورن معزز ججز شرڪت ڪئي. جسٽس سيد منصور علي شاهه وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ٻڌڻي هيٺ ڪيسز کي جلد اڪلائڻ جي حڪمت عملي تي غور ڪيو ويو. رجسٽرار موجوده ڪيسن جو جائزو پيش ڪيو. رجسٽرار وقت تي فيصلا ڪرڻ لاءِ کنيل قدمن جو خاڪو پيش ڪيو. اجلاس ۾ رجسٽرار ڪيسن جا تازا انگ اکر به پيش ڪيا. رجسٽرار سپريم ڪورٽ اسٽيٽس جي ذريعي ڪيسز جو انگ ٻڌايو. رجسٽرار موجب سپريم ڪورٽ ۾ 59 هزار 181 ڪيسز ٻڌڻي هيٺ آهن. 2 ڊسمبر تي ايندڙ فل ڪورٽ اجلاس به طلب ڪيو ويو. ذريعن موجب فل ڪورٽ اجلاس ۾ ججز جي خدشن سميت اهم انتظامي معاملا غور هيٺ آيا، انهي کان علاوه اجلاس ۾ عدالتي اصلاحات تي به ڳالهيون ڪيون ويون. فل ڪورٽ اجلاس کان پوءِ جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو ته اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ ۽ ڪيسز اڪلائڻ جي باري ۾ مختلف تجويزن تي غور ڪيو ويو. خصوصي بينچز ٺاهڻ ۽ فوجداري ڪيسز کي اڪلايو ويندو.پڌرائي موجب جسٽس منصور علي شاهه جي ڪيس مينجمينٽ سسٽم کي هڪ مهيني جي لاءِ لاڳو ڪيو ويندو. رجسٽرار سپريم ڪورٽ ڪيس لوڊ جي حوالي سان آگهه ڪيو ۽ وقت تي ڪيسز جي فيصلن جي حوالي سان به ٻڌايو. رجسٽرار موجب سپريم ڪورٽ ۾ هن وقت 59 هزار 191 ڪيسز ٻڌڻي هيٺ آهن.
احتجاج جي اجازت نه ڏيڻ جو حڪم،پي ٽي آءِ قيادت سان رابطي جي هدايت
ڪرم ۾ مسافر گاڏين تي فائرنگ 38 ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي
ڪي ڳالهيون نه پيون ٿين، اسلام آباد ۾ احتجاج جي اجازت نه ڏينداسين: محسن نقوي
عالمي فوجداري عدالت پاران نيتن ياهو جا گرفتاري وارنٽ جاري
سي سي آءِ جو اجلاس سڏايو وڃي،وڏي وزير جو وفاق کان مطالبو
تڪراري منصوبن تي اسٽيڪ هولڊرن کي اعتماد ۾ وٺو، بلاول ڀٽو
بئريسٽر گوهر ۽ علي امين ذريعي احتجاج ملتوي ڪرڻ جي آڇ ٿي
آئيني بينچ جو پاڻمرادو نوٽيس، گم ٿيل ٻارن جي ڪيس ۾ رپورٽ طلب
افغانستان ۾ دهشتگردن کي ملندڙ حمايت تي ڳڻتي آهي: بلوچ
پهرين ميري ٽائيم سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ جي تقريب
ن ليگ قومي اسيمبلي ميمبر عادل بازئي ڊي سيٽ
پاڪ فضائيه سربراهه جو آئيڊياز جو دورو، اسٽالز جو جائزو
سنڌ ۾ هلندڙ سال ايڇ آءِ وي ايڊز جي مريضن ۾ تيزي سان اضافو
پورهيت جي گهر کي باهه،چوپائي مال سميت سامان سڙي رک
ڪي پي ۽ پنجاب ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس بند ڪرڻ جو فيصلو
پي ٽي آءِ جو احتجاج روڪڻ لاءِ درخواست تي آءِ جي،گهرو وزير ۽ ٻيا طلب
پاڻي جي انتظام تي سنڌ جا خدشا بي بنياد ناھن، پاڻي سڀني جو گڏيل حق آھي
پي ٽي آءِ جو 24 نومبر واري احتجاج لاءِ جهادي اسڪواڊ تيار
ڀارتي سپر اسٽار آلو ارجن جي فلم 300 ڪروڙ رپيا
ڪارڪنن جي گرفتارين تي حڪومت جي بي حسي واضح آهي: سيف