پسند يا نا پسند جو چيف جسٽس رکڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي: کهڙو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نثار کهڙي چيو آهي ته چيف جسٽس جي پسند يا ناپسند جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته آئيني معاملن لاءِ آئيني عدالت جوڙڻ گهرجي، سپريم ڪورٽ ۾ لکين ڪيس التوا ۾ آهن، ان ڪري آئيني عدالت قائم ٿيڻ سان سپريم ڪورٽ مان ڪيسن جو دٻاءُ گهٽ ٿيندو.نثار کهڙي جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان سان ملاقاتون جاري رکنداسين، ٿي سگهي ٿو ڊرافٽ ۾ ترميم ٿي وڃي ۽ اتفاق راءِ ٿي وڃي، آئيني ترميم لاءِ سياسي پارٽين سان ملاقات ڪري رهيا آهيون، اسٽيبلشمينٽ سان رابطو ناهي ڪيو ويو.هن چيو ته مولانا فضل الرحمان ۽ بلاول ڀٽو زرداري جلد آئيني ترميم جي مسودي تي ڪنهن حتمي نتيجي تي پهچي ويندا.پيپلز پارٽي جي اڳواڻ جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي ارسا ايڪٽ ۾ ترميم خلاف اسيمبلي مان ٺهراءُ منظور ڪري سنڌ جو موقف ڏنو آهي، وفاقي حڪومت يقين ڏياريو آهي ته ارسا ايڪٽ ۾ ڪا به ترميم نه ڪئي ويندي.پاڻي تي پهريون حق ٽيل مالڪن جو آهي ۽ سنڌ هڪ دم صوبو آهي، سنڌ جي پاڻي تي ڊاڪا جي اجازت ناهي، صوبن جي منظوري کانسواءِ ايڪٽ ۾ ترميم نٿي ٿي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو