چيمپيئنز ٽرافي شيڊيول پڌرو، پاڪ ڀارت مقابلو 23 فيبروري تي ٿيندو

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪٽ ڪائونسل (آءِ سي سي)، چيمپئنز ٽرافي 2024ع جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو . ڪيئي مهينن تائين جاري تڪرار بعد آءِ سي سي طرفان نيٺ ميگا ايونٽ جو شيڊيول پڌرو ڪيو ويو آهي، چيمپيئنز ٽرافي جا مقابلا 19 فيبروري 2024 کان ڪراچي ۾ شروع ٿيندا، ٽورنامينٽ جو فائنل نوَ مارچ تي ٻن ٽاپ ٽيمن وچ ۾ کيڏيو ويندو.ايونٽ ۾ اٺ ٽيمن وچ ۾ ڪُل 15 ميچون کيڏيون وينديون، پاڪستان ۽ ڀارت جو هاءِ وولٽيج مقابلو 23 فيبروري تي شيڊيول آهي. اٺ ٽيمن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويو آهي، گروپ اي ۾ پاڪستان، ڀارت، نيوزيلينڊ، بنگلاديش شامل آهن، جڏهن ته گروپ بي ۾ ڏکڻ آفريڪا، آسٽريليا، افغانستان، انگلينڊ کي رکيو ويو. آءِ سي سي طرفان شيڊيولڊ فائنل مقابلي لاءِ 10 مارچ ريزرو ڊي طور رکيو ويو. چيمپيئنز ٽرافي جو شيڊيولٽورمانيٽ جي افتتاحي ميچ 19 فيبروري تي ميزبان پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ڪراچي جي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. بنگلاديش ۽ ڀارت جون ٽيمون ويهه فيبروري تي دبئي ۾ آمهون سامهون ٿينديون، 21 فيبروري تي افغانستان ڏکڻ آفريڪا سان ڪراچي ۾ مهاڏو اٽڪائيندو. ٽورنامينٽ ۾ روايتي مخالف آسٽريليا ۽ انگلينڊ جو 22 فيبروري تي لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ٽاڪرو ٿيندو. 23 فيبروري تي ميگا ايونٽ جو سڀ کان وڏو دنگل يعني پاڪ ڀارت مقابلو دبئي ۾ کيڏيو ويندو 24 فيبروري تي راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ بنگلاديش جو نيوزيلينڊ سان ٽاڪرو ٿيندو . 25 فيبروري تي آسٽريليا ڏکڻ آفريڪا خلاف ميدان تي لهندو، 26 فيبروري تي افغانستان ۽ انگلينڊ جي ميچ شيڊيول آهي. 27 فيبروري تي پاڪستان ۽ بنگلاديش آمهون سامهون هوندا، 28 فيبروري تي افغانستان جو آسٽريليا سان مقابلو ٿيندو. پهرين مارچ تي ڏکڻ آفريڪا ۽ انگلينڊ جو دنگل رٿيل آهي، نيوزيلينڊ ۽ ڀارت ٻه مارچ تي دوبدو ٿيندا. جيڪڏهن ڀارت سيمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو ته چار مارچ تي ٽورنامنيٽ جو پهريون سيمي فائنل دبئي ۾ ٿيندو، جڏهن ته ٻيو سيمي فائنل پنج مارچ تي لاهور جي قذافي اسٽيڊيم کيڏيو ويندو. ڀارت جي فائنل ۾ پهچڻ جي صورت ۾ چيمپيئنز ٽرافي جو فائنل به دبئي ۾ ئي ٿيندو پر جيڪڏهن ڀارت فائنل لاءِ ڪواليفاءِ نه ڪري سگهيو نوَ مارچ تي قذافي اسٽيڊيم۾ ٽورنامينٽ جون ٻه بهترين ٽيمون ٽرافي لاءِ آخري ويڙهه وڙهنديون.

پهنجو تبصرو موڪليو