نيوزيلينڊ کي 4 وڪيٽن تان شڪست، ڀارت چيمپيئنز ٽرافي کٽي ورتي

دبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت چيمپئنز ٽرافي جي فائنل ۾ هڪ اوور باقي هو ته 6 وڪيٽن جي نقصان تي 254 رنز ٺاهي ميچ کٽي ورتي. هي ٽيون ڀيروو آهي ته ڀارت چيمپئنز ٽرافي کٽي آهي. آسٽريليا ٻه ڀيرا کٽي آهي. روهت شرما کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو. ڀارتي اوپنرز 105 رنز جي پارٽنرشپ قائم ڪئي ۽ روهت شرما ففٽي به ٺاهي ته شڀمن گل 50 بالن تي 31 رنز ٺاهي سينٽنر جي بال تي گلين فلپس هڪ هٿ سان فلائنگ ڪيچ پڪڙي ورتو. جنهن بعد ويرات ڪوهلي بريسويل جي ٻئي بال تي ايل بي ڊبليو ٿيو، هن رويو ورتو پر فيصلو سندس حق ۾ نه آيو. ان وقت پورو ڪرائوڊ هٿ ٻڌي آسمان ڏانهن ڏسندو رهيو. جنهن بعد شريياس آئر ڪپتان روهت جوساٿ ڏيڻ آيو. 27 هين اوور ۾ 122 جي اسڪور تي رويندرا جي بال تي روهت شرما کي ڪيپر ٽام ليٿم اسٽمپ آئوٽ ڪيو. هن 3 چڪا ۽ 7 چوڪن جي مدد سان 83 بالن تي 76 رنز اسڪور ڪيون. ان بعد اڪثر پٽيل ۽ شريياس آئر اسڪور اڳتي وڌايو، آئر48 رنز ٺاهي سينٽنر جي بال تي رويندرا هٿان ڪيچ ٿيو ۽ اڪثر پٽيل 29 رنز ٺاهي بريسويل جي بال تي ول روڪ هٿان ڪيچ ٿيو. ان کان اڳ ڊيرل مچل ۽ جيميسن ٻه ڪيچ ڊراپ ڪيا. هاردڪ پانڊي 18 بالن تي 18 رنسون ٺاهي جيميسن جي بال تي بالر هٿان ڪيچ ٿيو. 7 بالن تي 2 رنز گهربل هيون ته جديجا چوڪو هڻي ميچ کٽي ورتي. ڪي ايل راهول 33 بالن تي 34 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي جو فائنل ميچ ۾ نيوزيلينڊ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 251 رنسون ٺاهيون. ڊيرل مچل ۽ بريسويل ڦفٽيون ٺاهيون. ميچ دبئي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ٿي رهيو آهي، نيوزي لينڊ جي ڪپتان مچل سينٽنر ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. ٽاس تي ڪيوي ڪپتان مچل سينٽنر چيو ته بالر ميٽ هينري زخمي ٿيڻ سبب فائنل ۾ نه کيڏي رهيو آهي. نيوزيلينڊجي پهرين وڪيٽ 57 رنسن تي ڪري جڏهن ول ينگ15 رنسون ٺاهي ورون جي بال تي ايل بي ڊبليو ٿيو، 69 جي اسڪور تي ٻيو اوپنر ريچن رويندرا به پويلين موٽيو، هن 37 رنسون ٺاهيون ته ڪلديپ کيصس بولڊ ڪيو.، 75 جي اسڪور تي ڪين وليمسن کي ڪلديپ پنهنجي ئي بال تي ڪيچ ڪيو، هن 11 رنسون ٺاهيون. ڀارتي ڪپتان روهت شرما اسپنرز جو استعمال ڪندي گيم تي پنهنجي گرپ قائم ڪئي ۽ نيوزيلينڊ جي چوٿين وڪيٽ108 جي اسڪور تي ڪري جڏهن رويندرا جديجا ٽام ليٿم کي کي ايل بي ڊبليو ڪيو، هن 14 رنسون ٺاهيون. نيوزيلينڊ جي بيٽنگ مشڪل جو شڪار ٿي وئي. جنهن بعد ڊيرل مچل ۽ گلين فلپس جي پارٽنرشپ ۾ 57 رنسون ٺهيون ته فلپس 34 رنسون ٺاهي ورون چڪرورتي جي بال تي بولڊ ٿي ويو. جنهن بعد ڊيرل مچل ففٽي مڪمل ڪئي ۽وڏيون شاٽس کيڏڻ شروع ڪيون ۽ 63 رنسون ٺاهي شامي جي بال تي روهت هٿان ڪيچ ٿي ويو، جنهن بعد بريس ويل جو ساٿ ڏيڻ ڪپتان سينٽنر آيو. جيڪو به 8 رنسون ٺاهي ڪوهلي جي ٿرو تي رن آئوٽ ٿي ويو. جنهن بعد مائيڪل بريسويل ففٽي مڪمل ڪئي هن 40 بالن تي 53 رنسون ٺاهيون ۽ ناٽ آئوٽ رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو