چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان واپسي جو منتظر آهيان، رچرڊ گولڊ

ملتان (ويب ڊيسڪ)انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي سي اي او رچرڊ گولڊ چيو آهي ته چيمپيئنز ٽرافي لاءِ پاڪستان اچڻ جا منتظر آهيون.رچرڊ گولڊ شاهه رخ عالم جي مزار تي حاضري ڀري، رچرڊ گولڊ سان گڏ سي او پي سي بي سلمان نصير به موجود هو.ان موقعي تي ڳالهائيندي انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي سي اي او چيو ته گذريل ٻن سالن ۾ منهنجو پاڪستان جو هي ٻيو دورو آهي.انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جي سي اي او رچرڊ گولڊ جو چوڻ هو ته اسان جا رانديگر ۽ انگلينڊ ڪرڪيٽ جا مداح جيڪي هتي آيا آهن تمام گهڻو لطف اندوز ٿي رهيا آهن.هن چيو ته ملتان جي مزار سميت پاڪستان جو دورو سٺو تجربو رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو