چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڀارتي ٽيم جي اچڻ جي ضمانت طلب

لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) کان چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڀارتي ٽيم جي اچڻ جي ضمانت طلب ڪري ورتي آهي. آءِ سي سي چيئرمين گريگ بارڪل ۽ چيف ايگزيڪيوٽو جيف ايلڊريس لاهور کان دبئي روانو ٿي ويو.آءِ سي سي عملدارن اهم دوري تي ٻه مصروف ڏينهن گذاريا، تاريخي ماڳن ۽ سيف سٽي اٿارٽي جو دورو ڪيو.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت جي حوالي سان پنهنجو مضبوط موقف آءِ سي سي جي آفيسرن آڏو پيش ڪيو ذريعن موجب پاڪستان ڀارت جي روش تي کليل دل سان ڳالهايو ۽ ڀارت ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت جو يقين ڏياريو.پي سي بي ڀارت ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت حڪومت جي اجازت سان مشروط ڪري ڇڏي.پاڪستان آءِ سي سي کي پيغام ڏنو ته جيڪڏهن ڀارت ايشيا ڪپ جي حوالي سان لچڪ ڏيکاري ته پاڪستان به مستقبل ۾ لچڪ ڏيکاري سگهي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو