اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان چيني شهرين جي سڪيورٽي لاءِ چين مان ٽيمون اچڻ جي ترديد ڪري ڇڏي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ جو چوڻ آهي ته چيني شهرين جي سڪيورٽي لاءِ چين مان ٽيمون اچڻ جون ڳالهيون غلط آهن، پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن کي ايجنڊا تحت خراب ڪيو پيو وڃي، چئمپينز ٽرافي لاءِ ڪو به بيڪ ڊورچئنل ناهي، ڀارت کي راندين ۾ سياست نه ڪرڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ دوستي وارا لاڳاپا آهن، هو گڏيل مفادن ۽ هڪٻئي جي اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت جي پاليسي تي هلي رهيا آهن.سندس چوڻ هو ته پاڪستان آمريڪي انتظاميا ۾ ڪنهن جي مقرري جو مطالبو نٿو ڪري سگهي، زلمي خليل زاد وٽ ڪوئي عهدو ناهي، سوشل ميڊيا تي ڪنهن قسم جي بيان جو جواب نٿو ڏئي سگهجي. لنڊن ۾ اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ تي حملي بابت پڇيل سوال جو جواب ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ڪوبه احتجاج حد اندر ٿيڻ گهرجي، پاڪستاني جتي به آهن، انهن سان عزت ۽ احترام سان پيش اچڻ گهرجي، ڪنهن کي به گار گند جي اجازت ناهي. پاڪستان ۾ ايندڙ سال 19 فيبروري کان 9 مارچ تائين شيڊول چيمپئنز ٽرافي ۾ شرڪت کان ڀارتي انڪار بابت هن چيو ته ڀارتي ٽيم جي پاڪستان آمد بابت ڪرڪيٽ بورڊ ئي بهتر رهنمائي ڪري سگهي ٿو، چئمپينز ٽرافي لاءِ ڪو به بيڪ ڊورچئنل ناهي، ڀارت کي راندين ۾ سياست نه ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته چيني شهرين جي سڪيورٽي لاءِ چين مان ٽيمون اچڻ جون ڳالهيون غلط آهن، پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن کي ايجنڊا تحت خراب ڪيو پيو وڃي
وفاقي سرڪار نه عزت ڏئي ٿي نه معاهدن تي عمل ٿي ڪري: بلاول ڀٽو
چينين جي سڪيورٽي لاءِ چين مان ٽيمون اچڻ جون ڳالهيون غلط آهن
هرنائي ۾ فورسز جي آپريشن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا
پهرين ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان کي 29 رنسن تان شڪست
پي ٽي آءِ ٻيهر ملڪ کي يرغمال بڻائڻ چاهي ٿي، ميمڻ
پنجاب ۾ ڪوهيڙي جي صورتحال برقرار، لاهور سڀني کان اڳتي
شاهه سان گڏيل عرب امارات جي قونصل جنرل جي ملاقات
ايل پي جي جي قيمت 350 رپيا في ڪلو کان وڌي وئي
ڊي جي خان: زرتاج گل جي ضمانت منظور
بجلي، پيٽرول ۽ گيس جي اصل قيمت وصول ڪئي وڃي
پي ٽي آءِ باني جي سڏ تي سڄي دنيا ۾ احتجاج ٿيندا: گوهر
پي ٽي آءِ باني پاڻ کان ٻاهر نڪري پاڪستان جو سوچي:وهاب
ريتي بجري جو غير قانوني ڪاروبار ڪندڙن خلاف ڪاروائي جو فيصلو
پي ٽي آءِ جو 24 نومبر جو احتجاج مس ڪال ثابت ٿيندو
غزه ۾ حملا ،24 ڪلاڪن دوران 47 فلسطيني شهيد، 182 زخمي
قاضي فائز عيسيٰ خلاف داخل نظرثاني درخواست خارج
توشه خانه 2 ڪيس، خان ۽ بشرا جي بريت واري درخواست رد
ظلم برداشت ڪرڻ جا عادي ٿي چڪا آهيون: گنڊاپور
آئيني بينچ جي پهرين ٻڌڻي،ماحولياتي آلودگي بابت رپورٽ طلب
ايف آءِ اي ڪراچي مان هنڊي جو وڏو نيٽ ورڪ پڪڙي ورتو