چيني دوستن جي سلامتي ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي ويندي: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف ڪراچي ۾ چيني شهرين تي حملي جي مذمت ڪئي آهي.وزيراعظم ڌماڪي ۾ مارجي ويل چيني شهرين جي وارثن، چين جي قيادت ۽ عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڌماڪي ۾ ملوث عنصر پاڪستاني نٿا ٿي سگهن، اهي پاڪستان جا دشمن آهن. ڌماڪي جي جاچ جاري آهي، اهڙن عنصرن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.شهباز شريف چيو ته پاڪستان چيني دوستن جي حفاظت لاءِ پرعزم آهي، چيني دوستن جي حفاظت ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو