ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ ويجهو پرڏيهين تي حملي جي ڪيس ۾ پوليس عدالت ۾ چالان جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ چيني شهرين تي خودڪش حملي جي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، چالان ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار بشير، عبدالرحمان عرف رحما گل ۽ سراج عرف دانش فرار آهن. ڪيس ۾ ٻه جوابدار محمد جاويد ۽ مسمات گل نسا کي گرفتار ڪيو ويو آهي، چالان موجب، حملي آورن کي هڪ غير ملڪي دشمن انٽيليجنس ايجنسي جي مدد حاصل هئي. خودڪش بم ڌماڪي جو مقصد پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن کي متاثر ڪرڻ هو، ڌماڪي جو مقصد ملڪ جي سلامتي، معاشي قتل ۽ مالي فائدن کي متاثر ڪرڻ هو. خودڪش بم ڌماڪي ۾ 2 چيني شهري مارجي ويا ۽ 10 ماڻهو زخمي ٿيا،چالان ۾ چيو ويو آهي ته ڪيس ۾ گرفتار ٿيل جوابدار جاويد ٻين جوابدارن سان گڏ ڏوهه واري هنڌ ويو ۽ واقعي ۾ سهولتڪاري ڪئي. جوابدار گل نسا خودڪش بمبار کي ڪراچي آندو هو.
