چيني شهرين جي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا وڃن: وزيراعظم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته چيني شهرين جي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا وڃن.وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ڪالهه شام جي واقعي کانپوءِ ڪراچي ۾ دهشتگردي جو انتهائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو.جنهن ۾ اسان جا 2 چيني ڀائر مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، جڏهن ته حملي ۾ ڪجهه پاڪستاني به زخمي ٿيا آهن.هن چيو ته بشام واقعي کانپوءِ چيني حڪومت پاران خدشن جو اظهار ڪيو ويو ۽ پيغام ڏنو ويو ته پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ سخت قدم کنيا وڃن. ۽ جڏهن آئون جون ۾ چين ويو هوس، مون انهن کي يقين ڏياريو، پر بدقسمتي سان ڪالهه اهو ٿيو.هن چيو ته هن چين جي سفير سان ملاقات ۾ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ کيس ٻڌايو ته تمام ڪوششن جي باوجود اهو واقعو پيش آيو جنهن تي اسان شرمسار آهيون.پر اسان جو حوصلو اڳي کان وڌيڪ مضبوط آهي ۽ اسان سيڪيورٽي کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کڻنداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو