اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جو چوڻ آهي ته چيني شهرين ۽ منصوبن جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ اولين ترجيح آهي.گهرو وزير محسن نقوي چين جي سفير جيانگ زيڊونگ سان چيني سفارتخاني ۾ ملاقات ڪئي.اجلاس ۾ محسن نقوي ڪراچي ۾ گارڊ جي فائرنگ سبب 2 چيني شهرين جي زخمي ٿيڻ واري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو.گهرو وزير محسن نقوي چيني سفير کي واقعي جي تفصيل ۽ جاچ ۾ اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو.هن چيني سفير، حڪومت ۽ زخمي چيني شهرين جي خاندانن سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو.ان موقعي تي ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته اسان ترقي ۽ سلامتي کي ضم ڪرڻ جي چيني تصور سان مڪمل طور تي متفق آهيون.محسن نقوي جو چوڻ آهي ته سي پيڪ منصوبن جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن، چيني شهرين لاءِ محفوظ ۽ پرامن ماحول کي يقيني بڻائڻ لاءِ حفاظتي قدمن کي وڌيڪ بهتر ۽ مضبوط ڪيو پيو وڃي.وفاقي وزير اهو به چيو ته واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو.
سنڌ سرڪار ٻوڏ ۾ بي گھر ٿيڻ ۽ سڀ وڃائڻ وارن ماڻھن جو درد سمجھي ٿي
مسافرن کي سفري سهولتون ڏيڻ کانپوءِ هڪ ٻيو وڏو فيصلو
گهوٽڪي ۾ پوليو جو ڪيس ظاهر
ٽڪ ٽاڪ تي پابندي بابت صدر ٽرمپ جو فيصلو ڇا هوندو؟
10 ججن خلاف شڪايتون رد، سنڌ هاءِ ڪورٽ جا سڀ جج آئيني بينچ ۾ شامل
26 هين آئيني ترميم خلاف 2 درخواستون سپريم ڪورٽ ۾ داخل
9 مئي جي ڀڃ ڊاهه وارن 4 ڪيسن ۾ خان جي ضمانت منظور
آسٽريليا کي 9 وڪيٽن تان شڪست، رضوان جا 6 ڪيچ، حارث جون 5 وڪيٽون
وزيراعظم جو ٻن ڏينهن جو سعودي عرب جو دورو
صحت کاتي ۽ خاص ماڻهن جون مقرريون ۽ بدليون
ڀارتي ٽيم چيمپيئنز ٽرافي کيڏڻ لاءِ پاڪستان نه ايندي؟
ميرپور ساڪر واسڻ ناري پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو
پريالي ويجهو پيرسن پراسرار نموني قتل
احمدپور ويجهو نوجوان کان موٽرسائيڪل ۽ ٻيو سامان ڦر
خانپور مهر ويجهو نوجوان مبينا طور آپگهات ڪري ڇڏيو
دادو شهر ۾ هٿياربندن هٿان نوجوان بيدردي سان قتل
سنڌ هاءِ ڪورٽ جو گم ٿيل شهري کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم
فلاحي پلاٽ تي قبضي خلاف درخواست ۾ ترميم جو حڪم
زمين جي مالڪي غريب هاري جان کائي وئي،لاش ٽنگيل مليو
ڪوهيڙي کان بچڻ لاءِ مارڪيٽون رات 8 وڳي بند ڪرڻ جو حڪم