بيجنگ: (ويب ڊيسڪ) چين جي راڄڌاني بيجنگ ۾ صدر آصف علي زرداري چيني صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي آهي.صدر آصف علي زرداري بيجنگ ۾ چين جي عظيم عوامي هال پهتو جتي چين جي صدر سندس آجيان ڪئي. چين جي هٿياربند فوج جي چاق وچوبند دستي صدر آصف علي زداري کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ۽ انهي موقعي تي پاڪستان ۽ چين جا قومي ترانا به وڄايا ويا.صدر شي جن پنگ ۽ صدر آصف علي زرداري جي بيجنگ ۾ گريٽ هال آف چائنه ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ چينين جي پاڪستان ۾ سيڪيورٽي ۽ سي پيڪ منصوبن تي تيزي تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ گهرو وزير محسن نقوي، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ وفد جا ٻيا ميمبر به موجود هئا.
![](https://www.dailysindhyar.com/wp-content/uploads/2025/02/Zardari-XI-Shi-ping.jpg)