چيني وزير جي نقوي کي سنڪيانگ دوري جي دعوت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)چين جي سياسي معاملن واري وزير چن مينگ گوو وفاقي گهرو وزير محسن نقوي کي چيني صوبي سنڪيانگ جي دوري جي دعوت ڏني.چيني وزير جي اڳواڻي ۾ وفد محسن نقوي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ دهشتگردي خلاف، سرحد پار سهڪار، اسمگلنگ ۽ منشيات جي خاتمي جي شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.ملاقات ۾ گلگت بلتستان يا سنڪيانگ ۾ پوليس ۽ پيرا ملٽري فورسز جي گڏيل مشقن جو جائزو ورتو ويو ۽ گلگت بلتستان جي پوليس آفيسرن جي تربيت سنڪيانگ پوليس اڪيڊمي ۾ ڪرائڻ تي به اتفاق ڪيو ويو.ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته دهشتگردي هڪ عالمي مسئلو آهي جنهن لاءِ جامع قدم کنيا ويندا. ان موقعي تي محسن نقوي چيو ته سنڪيانگ چين سان لاڳاپن ۾ تمام گهڻي اهميت رکي ٿو، سنڪيانگ سان اسان جي 600 ڪلوميٽر ڊگهي سرحد آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو