چين لکين ايڪڙ ڪلراٺي زمين کي پوک ۽ گاهه لائق بڻائي ڇڏيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) چين پنهنجي خوراڪ ۽ چوپائي مالي جي ضرورتن خاطر لکين ايڪڙ ڪلراٺي زمين کي پوکي لائق بڻائي ڇڏيو آهي. سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ جي هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 8 سالن جي لڳاتار محنت بعد پامير پليٽيو ۽ تاشڪرگن تاجڪ ڪائونٽي جي ريگستان ۾ 3200 ايڪڙ زمين کي قابل ڪاشت بڻايو آهي، جيئن هو پنهنجي هڪ ارب چاليهه ڪروڙ آبادي لاءَ خوراڪ جو بندوبست ڪري سگهي. علائقي جي اڍائي لک جانورن لاءِ بنجر زمين مان گاهه پيدا ڪرڻ لاءِ به انتظام ڪيو ويو آهي. چيني سائنسدانن 2017 ۾ هي پروجيڪٽ شروع ڪيو هو ۽ ڪلراٺي زمين جي پي ايڇ ليول 9.5 سيڪڙو هئي. جنهن کي سراسري طور 8 سيڪڙو تائين گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪم شروع ڪيو. ان لاءِ تيزابيت گهٽ ڪرڻ وارا ڪيميڪل ۽ هيلوفيلڪ بيڪٽيريا استعمال ڪيا ويا. چائنا ايگريڪلچر يونيورسٽي جي پروفيسر وينگ گوانگزو هو پنهنجي تحقيقي پيپر ۾ ڄاڻايو هو ته چين ۾ ڪل9 ڪروڙ کان مٿي ڪلراٺي ۽ بنجر زمين آهي. جنهن مان 3 ڪروڙ ايڪڙ زمين فصل پوکڻ لائق بڻائي سگهجي ٿي باقي زمين چراگاهه طور بحال ڪري سگهجي ٿي. ٽينگ شان ۽ حيبي صوبن ۾ هن منصوبي هيٺ 80 سيڪڙو زمين 2022 تائين پوک لائق بڻائي وئي هئي. چين هن سال 70 ڪروڙ ٽن خوراڪ پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو جيڪا 80 سيڪڙو کپت برابر آهي. چين گذريل 9 سالن کان لڳاتار 65 ڪروڙ ٽن خوراڪ هرسال پيدا ڪندو رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو