اسلام آباد(بيورو رپورٽ)چين پاڪستان کي 2 ارب ڊالرن جي ادائيگي ۾ وڌيڪ هڪ سال جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي. ناڻي واري وفاقي وزارت طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جو پراڻي دوست چين سان پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ بحالي جي لاءِ اقتصادي سهڪار جاري آهي. ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته چين پاڪستان جي 2 ارب ڊالرن جي مد ۾ وڌيڪ هڪ سال جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. چين جي ان فيصلي سبب پاڪستان کي پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن کي مضبوط رکڻ ۾ مدد ملندي.
