ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي جي چڙيا گهر بابت اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڪمشنر ڪراچي، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ، ميونسپل ڪمشنر، ڊائريڪٽر ريڪريئيشن ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسر شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ آگاهي ڏني وئي ته چڙيا گهر ۾ هن وقت مختلف قسمن جا لڳ ڀڳ 850 جانور ۽ پکي موجود آهن ۽ 2012 کان وٺي چڙيا گھر لاءِ ڪو به جانور خريد نه ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه ڪراچي چڙيا گهر کي مستقبل ۾ غير ملڪي جانور خريد نه ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڌارين جانورن کي نه رکڻ گهرجي، اهي هتان جي ماحول ۾ زندهه نٿا رهي سگهن.هن چيو ته جانورن کي ضروري جڳهه کاڌي ۽ ماحولياتي حالتن کان محروم ڪيو ويندو آهي ته ۽ اهي دٻاءُ، بيماري ۽ وقت کان اڳ موت جو شڪار ٿي ويندا آهن. چيف سيڪريٽري هدايت ڪئي ته چڙيا گھر ۾ سڀني جانورن کي عالمي معيار مطابق کاڌو ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن خاطري ڪرائي ته سنڌ حڪومت چڙيا گھر ۾ جانورن جي خوراڪ ۽ صحت لاءِ ضروري فنڊ فراهم ڪندي. چيف سيڪريٽري جهنگلي جيوت کاتي ۽ ڪمشنر ڪراچي کي هدايتون ڏنيون ته جانورن ۽ پکين جي غير قانوني واپار ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.
ڪشمير خاطر ٽي جنگيون وڙهيون، 10 وڌيڪ وڙهڻيون پيون ته وڙهنداسين
اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ گوگل جيمنائي جو دلچسپ فيچر متعارف
چيني صدر سان زرداري جي ملاقات، سي پيڪ منصوبن ۾ تيزي تي ڳالهيون
ڪشمير مسئلو ڪنهن جنگ يا ڏاڍ سان حل نه ٿيندو
پاڪستان ۾ هر 25هون شهري هيپاٽائٽس سي جو شڪار
عام ماڻهو لاءِ علاج مهانگو، دوائن جي اگهن ۾ 200 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ
حڪومت ڪپهه جي پيداوار بحال ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻي،مطالبو
چڙيا گهر لاءِ ايندڙ وقت ۾ غير مقامي جانور خريد نه ڪرڻ جو حڪم
آءِ جي سنڌ پاران ڏوهارين خلاف آپريشن تيز ڪرڻ جي هدايت
وڪيلن ۽ ڊي آءِ جي وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب، جاري ڌرڻو ختم
شرجيل جي چيني مينوفيڪچرز سان ملاقات، سيڙپڪاري جي دعوت
پاڪستان سميت دنيا ۾ ڪشميرين سان ٻڌي جو ڏينهن ملهايو پيو وڃي
ٽرمپ پاران غزه پٽي تي ڊگھي عرصي تائين قبضي ڪرڻ جو اعلان
جسٽس صلاح الدين پنهور سنڌ هاءِ ڪورٽ جو سينئر ترين جج مقرر
ڪشميري عوام جون قربانيون رائيگان نه ويندو : مراد شاهه
لنجار جي سکر آمد،ڪچي ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو ورتو
شرجيل پاران پرنس ڪريم جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار
صدر ۽ وزيراعظم پاران ڪشميرين جي حمايت جاري رکڻ جو عزم
چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جو ڪشميري عوام کي خراج تحسين
عالمي برادري تي دٻاءُ وجهي ته ڪشميرين کي پنهنجو فيصلو پاڻ ڪرڻ ڏئي