ڇاتي جي ڪينسر جي مريضن جي وڪيل، ڊاڪٽر پيٽرز جي ڪهاڻي

آڪٽوبر ڇاتي جي ڪينسر جي آگاهي جو مهينو آهي ۽ 13 آڪٽوبر تي سڄي دنيا ۾ ان باري ۾ ڏينهن به ملهايو ويو. اڄ اوهان کي هڪ اهڙي گمنام هيرو بابت ٻڌائينداسين جنهن هزارين عورت مريضن جي حالت بدلائي ڇڏي. جنهن تي تنقيد به ڏاڍي ڪئي وئي پر هن پنهنجو ڪم جاري رکيو. اها آهي ڪئناڊا جي ڊاڪٽر ويرا پيٽرز جنهن ان زماني ۾  مريضن جي راءِ کي اهميت ڏيڻ شروع ڪئي جڏهن ڪو ڊاڪٽر مريض جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ به تيار نه هوندو هو. ان کان اڳ اسانکي ڊاڪٽر پيٽرز کان اڳ واري دور کي ڏسڻو پوندو ته ان وقت ڪينسر جي علاج جو طريقو ڪهڙو هو؟. 20 هين صدي ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي مرض جي صورت ۾ ڇاتي کي  ڪپيو ويندو هو ۽ عورتن لاءِ اهو تمام گهڻو تڪليف ڏيندڙ طريقو هو. ان عمل ۾ رسولي، کل، نپل سميت بُبو، بَغل واري چمڙي ۽ پٺي جو  حصو به ڪپيو ويندو هو. ان سان مرض جو علاج ته ٿي ويندو هو پر عورتن جو جسم بي ڍنگو ٿي ويندو هو، ڪڇ هيٺان هميشه سوڄ رهندي هئي.

نفسياتي اثرن جي ڄاڻ

مٿي ڄاڻايل طريقي واري علاج بعد اڪثر عورتون جنسيت ۽ نفسياتي مسئلن جو شڪار رهنديون هيون ۽ هو پاڻ کي مڪمل عورت نه سمجهنديون هيو. هي طريقه علاج جنهن کي ريڊيڪل ماسٽيڪٽومي سڏيو ويندو هو، آمريڪي سرجن وليم هاسٽڊ 19هين صدي جي آخر ۾ ايجاد ڪيو هو. جنهن کي 100 سال گذرڻ بعد به بهترين سرجري سمجهيو ويندو هو. بي بي سي سان ڳالهائيندي جينيفر انگرام، جيڪا ڊاڪٽر پيٽرز جي نياڻي آهي ۽ ڊاڪٽر انتاريو ٻڌايو ته ان وقت ڪنهن به سرجن جي دال روٽي جو اهو ئي ذريعو هو. ان وقت جن جا آپريشن ٿيندا هئا، اهي وچولي عمر جون ڪجهه نوجوان به هونديون هيون. ان وقت ڊاڪٽرن کي رڳو آپريشن بعد مريض جي ٺيڪ ٿيڻ جو فڪر هوندو هو، اهو نه ڏسندا هئا ته مريضه تي نفسياتي اثر ڪهڙو آهي، ڇاتي ڪپجڻ بعد زال مڙس جي تعلقات تي ڪهڙا اثر پون ٿا وغيره وغيره. ان بابت کين ڪا به ڳڻتي نه هوندي هئي.

ڊاڪٽر انگرام موجب ان زماني ۾ مريض عورتن کي ڳالهائڻ به نه ڏنو ويندو هو ۽ جيڪڏهن ڪو ڳالهائي ته کيس پاڳل سمجهو ويندو هو.

ڇاتي جي ڪينسر جي فيملي هسٽري

ڊاڪٽر پيٽرز جي والده 1933 ۾  هن بيماري سان جهيڙيندي فوت ٿي وئي، جنهن جو هن جي ذهن تي وڏو اثر ٿيو. ڊاڪٽر پيٽرز 16 سالن جي عمر ۾ هاءِ اسڪول جي تعليم مڪمل ڪئي جنهن بعد حساب ۽ فزڪس۾ داخلا ورتي پر کيس مزو نه آيو  ۽ هن ٽورنٽو جي ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي. ڊاڪٽر پيٽرز 1935 ۾ 100 شاگردياڻين مان انهن 10 ڪامياب شاگردياڻين ۾ شامل هئي جيڪي ڊاڪٽر ٿيون. بعد ۾ هن ريڊيولاجسٽ ڊاڪٽر گورڊن اي رچرڊز سان گڏ ڪم شروع ڪيو جنهن سندس والده جو به شعائن جي مدد سان علاج ڪيو هو. جتي هن ڏٺو ته اسپتال جي ريڊيو ٿراپي ڊپارٽمينٽ ۾ عورت مريض ڪافي تڪليف کي منهن ڏين ٿيون.

لاعلاج ماڻهن جو علاج

ڊاڪٽر پيٽرز جي مهارت ڇاتي جي مرض جي شعاعن ذريعي علاج ۾ نه هئي پر هن رت جي ڪينسر واري هڪ مرض هوڊڪن ۾ هئي. 1950 ۾ سندس هڪ تحقيقاتي پيپر شايع ٿيو جنهن ۾ هن ٻڌايو ته هڪ خاص مرض جي صورت ۾ ان کي وڌيڪ شعاع ڏئي ٺيڪ ڪري سگهجي ٿو ۽ آپريشن جي ضرورت ناهي، جيئن ته هن هڪ نئين ڳالهه ڪئي هئي جيڪا مشاهدي هيٺ نه رهي هئي، ان ڪري مٿس تمام گهڻي تنقيد ڪئي وئي. 1979 ۾ هن هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته ان زماني ۾ ماڻهو نئين ڳالهه ٻڌڻ، ان کي سمجهڻ ۽ عمل ڪرڻ لاءِ گهٽ تيار هوندا آهن ۽ مروجه طريقه علاج تي ئي زور ڏيندا آهن. 1958 ۾ هوءَ پرنسس اسپتال هلي وئي جتي ڇاتي جي ڪينسر ۾ مبتلا عورتن جو شعاعن سان علاج ڪندي هئي.

ان وقت به ماهرن جي راءِ ورهايل هئي، ڪجهه چوندا هئا ته سرجري بهترين علاج آهي پر ڊاڪٽر پيٽرز چوندي هئي ته سرجري کانسواءِ شعاعن سان به مڪمل علاج ٿي سگهي ٿو. سندس نياڻي بي بي سي کي ٻڌايو ته ان وقت سندس راءِ کي اهميت ملڻ شروع ٿي ۽ هن کي راءِ ڏيڻ لاءِ گهرايو به ويندو هو. 1975 ۾ پنهنجي ڪيل مشاهدن بابت لکڻ شروع ڪيو ۽ 1976 ۾ 8000 مريضن جي مشاهدي جا تفصيل هن لکيا. 1939 کان وٺي 1969 تائين هن انهن مريضن جو علاج ڪيو هو. هن جو لب لباب اهو ته سرجري وارن مريضن جي ڪامياب صحتمند هجڻ جو تعداد شعائن ذريعي ٿيندڙ علاج وارن کان وڌيڪ ڪو نه هو. ان تي به مٿس شڪ ظاهر ڪيا ويا. سندس تحقيق جيڪا مصدقه هئي اها 2002 تائين شايع نه ٿي. ڊاڪٽر انگرام موجب پرنسس ڪالج ۾هڪ ڪانفرنس ۾ وڏن وڏن سرجنز  خطاب ڪيو جنهن بعد ڊاڪٽر پيٽرز تقرير ڪندي چيو ته ڪينسر جو علاج رڳو سرجري ناهي ۽ وڌيڪ شعاعن سان به ڪري سگهجي ٿو ڇو ته ڇاتي جي ڪينسر جي مريَضن جي جسم جي ڪپ ڪٽ سڄي زندگي مريضن لاءِ نفسياتي مسئلن جو سبب بڻجي ٿي. جنهن تي سڀ حيران ٿي ويا. جڏهن ڪالج وارن ڇاتي جي عورت مريضن جي سرجري لاءِ عورت ڊاڪٽرن کي ڊيوٽي ملي ته هن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.

پنهنجي مريضن جي سار سنڀار

هن جو چوڻ آهي ته مريض جو خوف ختم ڪرڻ ۽ کين علاج بابت اعتماد ۾ وٺڻ ضروري آهي. هن نه صرف مريض پر ان جي خاندان کي به اعتماد ۾ وٺڻ جو رجحان هن متعارف ڪرايو ته جيئن مريض کي سپورٽ ۽ اعتماد ملي سگهي. ڊڪٽر پيٽرز پاڻ به ڇاتي جي ڪينسر جو شڪار ٿي ۽ هن ان جي تشخيص 1984 ۾ ڪئي. هن جو آپريشن ٿيو، سندس مڪمل ڇاتي نه ڪٽي وئي پر متاثر حصو ڪپيو ويو.

بعد ۾ هن کي ڦڦڙن جو ڪينسر ٿيو ۽ 82 سالن جي عمر ۾ 2010 ۾ فوت ٿي وئي. وفات بعد کيس ڪئناڊا جي حڪومت، آمريڪا، يورپ ۽ ٻين ملڪن ۽ ادارن ايوراڊ ڏنا ۽ کيس ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري به ڏني. هن جو سڄو ڪم مريض جي ڪائونسلنگ تي هو. (بشڪريه بي بي سي اردو)

پهنجو تبصرو موڪليو