ڇا آئين موجب هٿياربند فورسز ايگزيڪٽو جي ماتحت آهن ؟

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن جي ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل سوال اٿاريو آهي ته ڇا آئين تحت هٿياربند فورسز ايگزيڪٽو جي ماتحت آهن، ڇا ايگزيڪٽو جي ماتحت فورسز عدالتي اختيار استعمال ڪري سگهن ٿيون يا نه؟.جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلن جي ٻڌڻي ڪئي.تحريڪ انصاف باني جي وڪيل عزير ڀنڊاري دليلن جي شروعات ڪندي موقف اختيار ڪيو ته آئين ڪهڙي شيءِ جي اجازت ڏيندو آهي، عام ترميمون بنيادي حق متاثر نٿيون ڪري سگهن.وڪيل عزير ڀنڊاري چيو ته سلمان اڪرم جيڪو مثال ڏنو هو اهو سويلين ۾ ئي ايندو، جنهن تي جسٽس جمال مندوخيل چيو هو ته 83 اَي تحت آرمڊ فورسز اسٽيٽس کي ڏسڻو هوندو آهي، آرمي ايڪٽ ۾ ٽو ون ڊي جي پروويشن کانسواءِ ڪجهه به ناهي.جسٽس جمال مندوخيل چيو ته آرٽيڪل 243 موجب اهو پهريان کان لاڳو ٿيندو آهي، جنهن تي وڪيل عزير ڀنڊاري پنهنجي دليل ۾ چيو ته ان تي اوهان جي ججمينٽس موجود آهي، جوابدار جي اعتراف لاءِ سبجيڪٽ جو هئڻ ضروري آهي، ڪورٽ مارشل کانسواءِ ڪابه پروويشن نه آهي جيڪا هن ۾ لڳي.وڪيل عزير ڀنڊاري چيو ته شق سي وارا ڪڏهن به ڪورٽ مارشل نٿا ڪري سگهن، ڪورٽ مارشل هميشه آفيسر ڪندا آهن. جسٽس امين الدين خان چيو ته ڏوهه جي نوعيت آرمڊ فورسز ميمبر ٻڌائيندا.جسٽس جمال سوال ڪيو ته آرمي ايڪٽ سيڪشن ڊي کي ڪڍڻ باوجود به ڇا ملٽري جسٽس سسٽم هلندو رهندو؟. وڪيل عزير ڀنڊاري چيو ته ٽرين هلندي، سوال آهي ته ڪنهن کي ويهاري سگهجي ٿو ڪنهن کي نٿو ويهاري سگهجي، جسٽس منيب فيصلي سان به ڪورٽ مارشل جاري رهڻ جو تاثر آهي، مارشل لا ۾ به پارليامينٽ ذريعي بهتري جا آپشن موجود آهن، فوجي عدالتون آئين جي آرٽيڪل 175 کان ٻاهر آهن.وڪيل عزير ڀنڊاري چيو ته سويلين جو ٽرائل رڳو آئين جي آرٽيڪل 175 تحت آهي، ٿي سگهي ٿو فوج آئين جي آرٽيڪل 245جي دائري کان ٻاهر نٿي وڃي سگهي.جسٽس جمال مندوخيل سوال اٿاريو آهي ته ڇا آئين تحت هٿياربند فورسز ايگزيڪٽو جي ماتحت آهن، ڇا ايگزيڪٽو جي ماتحت فورسز عدالتي اختيار استعمال ڪري سگهن ٿيون يا نه؟. ڇا عدالتن کي آزاد هئڻ گهرجي يا نه؟.عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 24 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو