ڇا توهان کي واٽس ايپ جو هي پيغام مليو آهي؟

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)ميٽا طرفان موبائل فون واهپيدارن لاءِ واٽس ايپ جي ڊيزائن ۾ نمايان تبديليون ڪيون ويون هيون، هاڻي واٽس ايپ جي ويب ورزن ۾ به ڦيرڦار ڪئي وئي آهي. واٽس ايپ جي ويب ورزن لاءِ نئون يوزر انٽرفيس متعارف ڪرايو ويو آهي.ميٽا واٽس ايپ ويب کي ري ڊيزائن ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کانپوءِ هاڻي ميسيجنگ پليٽ فارم جو ويب ورزن مڪمل نئون لڳي ٿو. واٽس ايپ ويب جو نئون يوزر انٽرفيس اڳ کان وڌيڪ صاف سٿرو ۽ ماڊرن محسوس ٿئي ٿو، جنهن ۾ واٽس ايپ جي سائي ۽ اڇي رنگن جي اسڪيم کي وڌيڪ نمايان ڪيو ويو آهي. واٽس ايپ ويب جو لي آئوٽ اڳ جيان ٻن پينلز تي مشتمل آهي، يعني کاٻي پاسي نيويگيشن ۽ ساڄي پاسي چيٽ ونڊو موجود آهي، پر هاڻي ٻنهي پينلز لاءِ نوَن رنگن جي اسڪيم ۽ صاف سٿرو يوزر انٽرفيس متعارف ڪرايو ويو آهي. ڪمپني طرفان واهپيدارن کي نوٽيفڪيشن موڪلي، نئين ڊيزائن بابت آگاهه ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته واٽس ايپ ويب جي مڪمل نئين ڊيزائن هاڻي اوهان لاءِ دستياب آهي. نوٽيفڪيشن موجب، ڪجهه شيون اوهان کي مختلف محسوس ٿينديون، پر هر شيءِ اڳ وانگر ڪم ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو