ڇا صرف جي ايڇ ڪيو ڪيس فوجي عدالت ۾ ٻڌو ويندو؟

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ عام ماڻهن جي فوجي ٽرائل جي ڪيس ۾ جسٽس جمال مندوخيل چيو ته جيڪڏهن خدا نه ڪري ته پارليامينٽ، سپريم ڪورٽ يا جي ايڇ ڪيو تي دهشتگرد حملو ٿئي ها ته ڇا پارليامينٽ تي حملي جو ٽرائل ٿيندو؟ ۽ سپريم ڪورٽ اي ٽي سي هلائي ۽ صرف جي ايڇ ڪيو تي حملي جو ڪيس فوج هلائي؟ ڇا اهو عدالت ۾ ٿيندو؟ سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 7 رڪني آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ عام ماڻهن جي فوجي ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران جسٽس رٽائرڊ جواد ايس خواجه جي وڪيل خواجه احمد دليل پيش ڪيا.وڪيل خواجه احمد حسين دليل ڏنو ته ڪنهن به حالت ۾ عام ماڻهن جو ڪورٽ مارشل نٿو ٿي سگهي، فوجي عدالتن جو طريقيڪار شفاف ٽرائل جي گهرجن جي خلاف آهي، ۽ سپريم ڪورٽ جا سڀئي 5 جج ٽرائل جي شفافيت تي متفق نه هئا، ڇا بم ڌماڪا ڪندڙ، ملڪ دشمن جاسوسن سان سازش ڪندڙ ۽ عام شهري ماڻهن ۾ ڪو فرق ناهي؟

پهنجو تبصرو موڪليو