ڇا عمران لاءِ الطاف واري فارمولي تي ڪم ھلي پيو؟

حبيب ٽالاڻي
باني پي ٽي آــٔي عمران خان اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالھاــٔيندي مطالبو ڪيو آھي ته اڳوڻي ڊي جي آـٔي ايس آـٔي فيض حميد جو اوپن ٽراـٔل ڪيو وڃي ۽ صحافين کي ٽراــٔل جي ڪوريج تاـٔين پھچ ڏني وڃي اھڙي مطالبي کان اڳ باني پي ٽي آــٔي عمران خان پاران اھو خدشو پڻ ظاھر ڪيوويو ھو ته فيض حميد کي ھن خلاف واعدا معاف گواھ بڻايو ويندو جيــٔن مونکي ملٽري ڪورٽس ڏانھن وٺي وڃجي ان ڪري ته مون مٿان داخل ڪيل ڪيس عدالتـن مان خارج ٿي رھيا آھـن ان ڪري مونکي ملٽري ڪورٽس ۾ پيش ڪرڻ لاء فيض حميد وارو ڊرامو رچايو پيو وڃي ٻـٔي پاسي عمران خان جي اھڙي بيان بعد سيڪيورٽي جي ذريعن جا اھي بيان سامھون آيا آھـن ته فيض حميد ٽراـٔل فوج جو اندروني معاملو آھي ان لاء مطلب فيض حميد لاء عمران خان پريشان نه ٿـٔي ذريعن اھو پڻ چيو ته جيڪڏھن عمران خان جو فوجي عدالتن ۾ ٽراـٔل ٿيو ته پوء اھو اوپن ٽراـٔل ھوندو جنھن سان سڄي دنيا کي خبر پوندي ته عمران خان ڇا ڪندو رھيو ۽ ڇا ڪراـٔيندو رھيو ھاڻي ھن سڄي صورتحال ۾ سوال اھو ٿو پيدا ٿـٔي ته ڇا واقعي عمران خان کي ملٽري ڪورٽس طرف وٺي وڃڻ جي تياري ٿـٔي پـٔي؟ ان حوالي سان ڏسجي ته توڙي جو عمران خان جيل ۾ قيد آھي پر اڄ تاــٔين مختلف ادارن ۾ ھن جا ھمدرد موجود آھن انھن ذريعي عمران خان وٽ اھي خبرون پھچي چڪيون ھونديون ته اوھان کي ملٽري ڪورٽس طرف وٺي وڃبو ان ڪري عمران خان جيڪو اڳ چوندو رھيو ته  فيض حميد جي گرفتاري منھـجي لاء ڪي به  مسـٔلا پيدا نه ڪـندي نه وري منھنجو فيض حميد سان ڪو واسطو آھي پر وري ھڪدم عمران خان پاران فيض حميد کي واعدا معاف گواھ بڻاــٔي کيس ملٽري ڪورٽس طرف وٺي وڃڻ جي ڳالھ مان ظاھر ٿـٔي پيو ته دال ۾ ڪجھ ڪارو ضرور آھي عمران خان کي ان ڪري به اھو شڪ آھي ته  کيس ملٽري ڪورٽس طرف وٺي وڃبو جو ملڪي عدالتن ۾ کيس دھڙا دھڙ رليف ملي رھيو آھي ان جو ھر گز اھو مطلب ناھي ته عدالتون غلط فيصلا ڪري رھيون آھن اصل ۾ جيڪي ڪيس باني پي ٽي آـٔي مٿان داخل ڪيا ويا انھن ڪيس جي جاچ بلڪل ناقص ۽ ثبوت نه ھجڻ برابر آھن ان ڪري باني پي ٽي آــٔي مضبوط ڪيسن مان به بري ٿيندو رھيو آھي ٻـٔي پاسي وفاقي حڪومت توڙي اسٽيبلشمنٽ اھڙي صورتحال ۾ پريشان آھن ته ڇا ڪجي؟ان ڪري ٿي سگھي ٿو ته عمران خان کي ملٽري ڪورٽس طرف وٺي وڃن جتان عمران خان جو بري ٿيڻ ناممڪن ھوندو ان ڪري عمران خان ڪوشش ڪري رھيو آھي ته فيض حميد واري اشوء کي اٿاري اڳواٽ اشو پيدا ڪـجي جيــٔن اسٽيبلشمنٽ طرفان کيس ملٽري ڪورٽس طرف وٺي وڃڻ جي ڪوشش ٿـٔي ته عدالتن ۾ وڃي اھڙي عمل کي روڪڻ جي ڪوشش ڪجي ھتي سوال اھو به پيدا ٿي رھيو آھي ته آخر فيض حميد خلاف ڪھڙا چارچ لڳايا ويا آھن؟ان باري ۾ اڃان تاــٔين ڪي خاص ڳالھيون سامھون ناھـن آيون پر اھو ضرور آھي ته فيض حميد جي گرفتاري ان کان پوء اسٽبلشمنٽ جي ڪجھ ٻين شخصيتن جي گرفتاري اڳوڻي چيف جسٽس بابت ھلندڙ خبرن مان اھو ظاھر ٿي رھيو آھي ته فيض حميد رٽاـٔرمنٽ بعد ملٽري قانونن جي ڪٿي نه ڪٿي ڀڃڪڙي ضرور ڪــٔي آھي جنھن ڪري کيس ڪورٽ مارشل ڪيو پيو وڃي باقي اسٽيبلشمنٽ جو سياست ۾ مداخلت ڪا نـٔين ڳالھ ناھين ماضي کان وٺي حال تاــٔين ملڪي اسٽيبلشمنٽ ملڪي سياسي ۾ مداخلت ڪندي رھي آھي نوازشريف جي سياسي پالنا کان عمران خان جي سياسي پالنا تاــٔين حڪومتون ٺاھڻ توڙي ڊاھڻ پنھنجا ماڻھو سياست ۾ آڻي اقتدار ۾ ويھارڻ وارا عمل سڀ جي اڳيان آھن مونکي اڄ به مرحوم ڊاڪٽر عامر لياقت جا اھي لفظ ياد آھن جڏھن ھو عمران کان نارض ھو ان وقت قومي اسيمبلي جي بلڊنگ ۾ ھڪ صحافي ھن کان سوال ڪيو ته اوھان اڄ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ ڪيــٔن آيا آھيو ته ھن جواب ڏنو آيو ناھيان آندو ويو آھيان آڻڻ وارا ڪير ھـٔا اھو سڀني کي خبر آھي ان وقت شايد قومي اسيمبلي ۾ ڪنھن اشوء تي ووٽنگ ٿيڻي ھــٔي مونکي اشو ٺيڪ سان ياد ناھي پر ان مھل ڊاڪٽر عامر لياقت عمران کان ناراض ھو  پر ڳالھ اھاــٔي اسٽيبلشمنٽ جي انوالمنٽ جي اسانکي گھڻو پٺتي نه وڃڻ گھرجي گذريل چونڊن ۾ جيڪو ڪجھ ٿيواھو اسان سڀني جي سامھون آھي ھاراــٔڻ وارن کي ته ڇڏيو کٽڻ واران جا ھٿ به  مٿي تي اچي ويا ته اسان کٽيو ڪيـٔن آھي؟ ان کي ڇڏيو ڇا ڪير اھو سمجھي سگھيو آھي ته  غير سياسي اڳوڻو نگران وزير اعلي محترم جمھوريت پسند ساـٔين محسن نقوي صاحب ڪيــٔن نگران وزيراعلي جي ڪرسي ڇڏڻ بعد وڃي نوازليگ جي حڪومت جو وزيرداخلا سان گڏوگڏچيـٔرمين پي سي بي ٿي ويٺو آھي خود نوازليگ وارابه حيران آھـن ان کي ڇڏيو بلوچستان جو وزير اعلي بگٽي صاحب چونڊن کان ڪجھ مھينا اڳ کيس پ پ ۾ اعلان ڪرايو ويو سوري متان ڦاسي پـٔون ساــٔين پاڻ پ پ ۾ اعلان ڪيو پوء ٿيو ڇا صادق عمراڻي جھڙا جيالا جن سڄي زندگي پ پ کي ارپي ڇڏي جيل ڪاٽيا ٽارچر سيلن اندر ٿشدد برداشت  ڪـٔي پر پارٽي سان بي وفاــٔي نه ڪــٔي پ پ قيادت صادق عمراڻي جھڙي بھادر ۽ وفادارجيالي کي وزيراعلي بڻاـٔڻ بدران چونڊن کان ڪجھ مھينا اڳ پارٽي ۾ اعلان ڪندڙ سرفراز بگٽي کي وزيراعلي ٻڻاـٔي ڇڏيو خير اھا به جمھوريت آھي پ پ وارن جي مرضي صادق عمراڻي جھڙي سچي بھادر ۽ وفادار جيالي بدران اڏرندڙسياسي پکي سرفراز بگٽي کي  وزير اعلي بڻاـٔن ان کي ڇڏيو اسان ڪير ٿيندا آھيون اعتراض ڪرڻ وارا ھتي اسان وٽ سنڌ ۾ فيصل واوڊا اسان جي اڳيان آھي محترم ڪنھن به پارٽي ۾ ناھين پر سينـٔيٽ چونڊن ۾ سينـٔيٽر چونڊجي وڃي ٿو اھا به  جمھوريت جي نشاني آھي بابا اسان جو ڇا سمجھڻ وارا سمجھن ٿا ته انھن کي نلازڻ وارا ڪير آھن اھي ته ماضي جون ڳالھ آھي انھن مامرن ۾ اسٽيبلشمنٽ جي مداخلت ۽ فيض حميد واري مامرن ۾ فيض حميد جي مداخلت ۾ فرق اھو ضرور آھي ته اھي ماضي وارا فيصلا اداري جا ھـٔا ۽ فيض حميد مٿان جيڪي الزام لڳي رھيا آھن اھي اداري جا نه فيض حميد جا ذاتي فيصلا ٻڌايا پيا وڃن ان ڪري فيض حميدٽراـٔل کي منھن ڏيـٔي رھيو آھي فيض حميد جي ٽراـٔل واري مامري تي عمران خان پريشان آھي عمران خان سميت سندس پارٽي پڻ پريشان آھي ته باني کي ملٽري ڪورٽس کان ڪيــٔن بچاـٔجي حڪومت ۽ اسٽيبلشمـٽ پاران عمران کي سوڙھو ڪرڻ بعد پي ٽي آــٔي به  ڪجھ ڪرڻ جي موڊ ۾ آھي اڄ پي ٽي آــٔي پاران اسلام آباد ۾ جلسوڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي ھي سٽون لکڻ تاـٔين اسلام آباد انتظاميا پاران پي ٽي آـٔي کي جلسي جي اجازت ناھين ڏني وــٔي ان جي باوجود وزيراعلي ڪي پي ڪي وڊيون بيان جاري ڪندي ڪي پي ڪي جي عوام کي ٻاھر نڪري اچڻ جو چيو آھي وزيراعلي ڪي پي ڪي اعلان ڪيو ته اسلام آباد طرف ريلي جي قيادت ھو پاڻ ڪندو جيڪڏھن اــٔين ٿيو  ۽ وفاقي حڪومت ريلي کي اسلام آباد ۾ داخل ٿيڻ ڏنو ته  ٺيڪ پر جيڪڏھن ريلي کي اسلام آباد جي حدن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ملي ۽ وزيراعلي ڪي پي ڪي زبردستي ريلي کي اسلام آباد ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪـٔي ته پوء ريلي جي حالت عمران خان جي لانگ مارچ جھڙو ٿيندو ۽ ان جا وفاق توڙي ڪي پي ڪي جي سياسي حالتن مٿان پڻ اثر پوندا ٿي سگھي ٿو ته ڪي پي ڪي وزيراعلي اندروني طورتي اسٽيبلشمنٽ سان ڳالھيون ڪري اھو طـٔي ڪري ڪٺي ته بابا ڪو وچ وارو رستو ڪڍو جـھن سان اسان جي به  واھ واھ ٿـٔي خير اھو ته رات جو پتو پوندو ته ڇا ٿو ٿــٔي پر موجودا ملڪي حالتون بھتري بدران خرابي طرف وڃي رھيون آھن عمران خان ھر حالت ۾ ٻاھر نڪري اقتدار ٿو چاھي اسٽيبلشمنٽ معافي واري ڳالھ کان به  اڳتي نڪري وـٔي ان ڪري عمران خان کي زير ڪرڻ لاء الطاف حسين واري فارمولي تي عمل شروع ٿي چڪو آھي الطاف حسين تي آزمايل فارمولي کان سواء عمران خان کان جان ڇڏاــٔڻ وس وارن جي وس کان ٻاھر نظر اچي پيو ان ڪري الطاف واري فارمولي کي آزماــٔڻ جو فيصلو ٿي چڪو آھي اڳ ۾ عمران کي ملٽري ڪورٽس طرف وٺي وڃبو اتان سزاـٔون ڏياري الطاف حسين وانگي پابديون لڪاــٔڻ طرف ڪم شروع ٿي چڪو آھي پر ھي اسان جي ملڪ جي سمجھ ۾ نه ايندڙ سياست آھي ھتي ٿيندڙ شيون رھجي وينديون آھـن ۽ وري ڪڏھن نه ٿيندڙ شيون ٿي وينديون آھن 

پهنجو تبصرو موڪليو