ڇا پاڪستان کي امداد لاءِ پِنڻو پوندو؟ فاطمه ڀٽو جي عالمي برادري تي تنقيد

لنڊن (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي فاطمه ڀٽو هڪ مضمون ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي تي عالمي برادري جو ضمير جنجهوڙيندي سوال ڪيو آهي ته سوشل ميڊيا ۽ اولهه رسالن ۾ انساني حقن تي گوڙ ڪندڙ موقعي پرست ڪٿي آهن؟فاطمه ڀٽو پنهنجي مضمون ۾ لکيو ته فرانس جو نوٽري ڊيم ڪيٿڊرل سڙيو ته ڏينهن ۾ 800 ملين ڊالر گڏ ٿي ويا پر پاڪستان جو وڏو حصو ٻڏو ته اولهه اخبارن لاءِ وڏي خبر فن لينڊ جي وزيراعظم جي پارٽي ڪرڻ هو.هن پنهنجي مضمون ۾ عالمي برادري کان سوال ڪيو ته ڇا ٻوڏ سان تباهه ٿيندڙ پاڪستان کي عالمي امداد لاءِ پِنڻو پوندو؟ سوشل ميڊيا ۽ اولهه رسالن ۾ انساني حقن تي گوڙ ڪندڙ موقعي پرست ڪٿي آهن؟برطانوي اخبار ۾ لکيل آرٽيڪل ۾ فاطمه ڀٽو لکيو ته شامي پناهگيرن کي سمنڊ جي رحم ڪرم تي ڇڏيندڙ يورپ يوڪرين جنگ جي پناهگيرن جو خاص ڪائونٽر لڳائي آجيان ڪئي پر پاڪستان ۾ ٻوڏ کي نظرانداز ڪيو ويو.سندس چوڻ هو ته عالمي طاقتن ۽ عالمي ميڊيا جي خاموشي حيران ڪندڙ آهي.هن عالمي برادري کي خبردار ڪندي چيو ته سڀاڻي جي جاءِ تي توهان هوندئو، بچڻ جو ڪو چانس ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو