ڇهه اسٽريٽيجڪ ڪينال ۽ سنڌ جا خدشا

نصير ميمڻ
سنڌ ۾ اڄ ڪلهه ڳڻتيءَ جي لهر پکڙيل آهي ته پنجاب پاران سنڌو درياهه مان ڇهه نوان واهه ڪڍڻ جي رٿابندي ڪئي وئي آهي، البته انهن واهن بابت معلومات گهٽ ۽ ردعمل وڌيڪ هلندڙ آهي. هنن حالتن ۾ سنڌوءَ مان ڇهه ته ڇا هڪ به نئون واهه نڪرڻ جي ڳالهه ٿيندي ته سنڌ واسين ۾ ڳڻتيءَ جي لهر پيدا ٿيندي. اڳي ئي سنڌ کي 1991ع واري پاڻيءَ ورڇ واري ٺاهه مطابق پاڻي نه ٿو ملي، مٿان جيڪڏهن ڇهه نوان واهه ڪڍيا ويا ته پوءِ سنڌ جي حصي ۾ رڳو رڃ ئي وڃي بچندي. جن ڇهن واهن جي ڳالهه ڪئي پئي وڃي، اهي سڀ نوان واهه ناهن پر ان جو مطلب اهو هرگز ناهي ته انهن واهن جو سنڌ جي پاڻيءَ مٿان ڪو گهٽ اثر ٿيندو. انهن ڇهن واهن بابت راءِ ٺاهڻ لاءِ ضروري آهي ته ان بابت مڪمل معلومات موجود هجي ته انهن مان سنڌ کي ڪهڙا انديشا آهن.
8 جولاءِ 2024ع تي آصف زرداريءَ جي صدارت هيٺ ٿيل هڪ گڏجاڻيءَ ۾ انهن واهن کي جلد مڪمل ڪرڻ بابت ڳالهه ڪئي وئي. اهي ڇهه واهه جن کي اسٽريٽيجڪ ڪينال به چيو ٿو وڃي درحقيقت گرين پاڪستان انيشيئٽو پاران تڪڙن بنيادن تي اهي منصوبا مڪمل ڪرڻ لاءِ حڪومت تي زور وڌو پيو وڃي. انهن واهن جي مڪمل ٿيڻ سان 35 لک ايڪڙ زمين آباديءَ هيٺ ايندي. انهن مان ٻه ٻه واهه پنجاب ۽ سنڌ ۾، هڪ هڪ خيبرپختونخواه ۽ بلوچستان ۾ آهن، چار واهه اڳي ئي اڏاوت جي مختلف مرحلن هيٺ آهن ۽ ٻن واهن تي اڃا ڪم شروع ناهي ٿيو. انهن واهن جا نالا انهن تي پوکيءَ لائق زمين جا وچور هن ريت آهن:
نمبر- واهه جو نالو- ڪماند ايريا (ملين ايڪڙ)
1. گريٽر ٿل ڪينال 1.5
2 ڪڇي ڪينال 0.71
3 ريڻي ڪينال 0.41
4 ٿر ڪينال 0.26
5 چشما رائيٽ بئنڪ ڪينال 0.3
6. چولستان فلڊ فيڊر ڪينال 0.4
ڪل 3.58
انهن واهن جا وچور ۽ ان بابت سنڌ جي اعتراضن جو هڪ جائزو هن ريت آهي.
1. ٿل ڪينال: گريٽر ٿل ڪينال جي پهرئين مرحلي تي واپڊا 2001ع ۾ ڪم شروع ڪيو هو. ان واهه جي پاڻي کڻڻ جي گنجائش 8500 ڪيوسڪ آهي. پاڻيءَ واري ٺاهه ۾ ان لاءِ 5900 ڪيوسڪ رکيل هئا. اهو واهه پنجاب جي خوشاب، بکر، ليا ۽ جهنگ وارن علائقن جون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو. سنڌ ان واهه تي سخت اعتراض واريا هئا پر 7 مئي 2002ع تي ارسا مان 3:2 جي گهڻائيءَ سان ان لاءِ اين او سي جاري ڪيو ويو. ان وقت ارسا ۾ موجود سنڌ جي ميمبر ۽ وفاق جي ميمبر ان جي مخالفت ۾ ووٽ ڪيو هو ۽ باقي ٽن صوبن جي ميمبرن ان واهه جي حق ۾ ووٽ ڪيو. سنڌ اسيمبليءَ 28 فيبروري 2003ع ۽ 19 جون 2003ع تي ان واهه خلاف ٻه متفقه ٺهراءَ به منظور ڪيا هئا. سنڌ کي اعتراض هو ته 1991ع جي ٺاهه وقت ان ڪينال جو وجود نه هو ۽ ان کي بعد ۾ ڏهن ڏينهن جي پاڻيءَ ورڇ واري جدول ۾ شامل ڪيو ويو هو.
پنجاب هاڻي هنن اسٽريٽيجڪ واهن ۾ گريٽر ٿل ڪينال جي ٻئين مرحلي ۾ چوبارا برانچ ڪينال ۽ ٿل ڪينال جي ڪمانڊ ايريا جي تياري شامل ڪئي آهي. ياد رهي ته ٿل ڪينال چشما جهلم لنڪ ڪينال مان نڪري ٿو. 22 نومبر 2021ع تي سنڌ اسيمبلي چوبارا برانچ ڪينال ۽ جلال پور ڪينال جي مخالفت ۾ ٺهراءُ به منظور ڪري چڪي آهي. 22 ڊسمبر 2021ع تي ايڪنڪ اها رٿا منظور ڪرڻ وقت شرط رکيو هو ته پلاننگ ڪميشن سنڌ ۽ پنجاب جي صوبائي حڪومتن سان ڳالهائي حتمي سفارش ان اڳيان پيش ڪندي، سنڌ سرڪار ان کان پوءِ ٿيل گڏجاڻين ۾ سخت اعتراضن تي قائم رهي. پر ايڪنڪ 16 مارچ 2022ع تي اها رٿا منظور ڪئي ۽ ان ۾ سخت مانيٽرنگ وسيلي ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ جو چيو ويو ته پنجاب پنهنجي حصي جو پاڻي ئي ان واهه لاءِ استعمال ڪري سگهندو. پهرين ڊسمبر 2022ع تي سنڌ حڪومت ايڪنڪ جي ان فيصلي خلاف گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ سمري موڪلي چڪي آهي. اهو فيصلو هاڻي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ ٿيڻو آهي.
2. ڪڇي ڪينال: هي واهه پنجاب مان تونسا بئراج وٽان نڪري بلوچستان جي ڊيرا بگٽي، نصيرآباد، بولان ۽ جهل مگسي جي ضلعن ۾ 7 لک 13 هزار ايڪڙ زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو. ڇهه هزار ڪيوسڪ گنجائش وارو هي واهه 2002ع ۾ ٺهڻ شروع ٿيو ۽ ان جو پهريون مرحلو 2017ع ۾ گهڻي ڀاڱي پورو ٿيو. ان جا ڪل 400 مان 300 ڪلوميٽر مڪمل ٿيل آهن ۽ باقي مرحلن ۾ 100 ڪلوميٽرن جي اڏاوت رهيل آهي. ڪڇي ڪينال سنڌ مان نڪرندڙ پٽ فيڊر ڪينال جي پور وڇوٽ هلي ۽ ٻنهي واهن جي وچ واري زمين کي آباد ڪري ٿو. اهو واهه سليمان رينج جي جابلو پٽيءَ مان گذرندي 31 جابلو نين جي وهڪرن اڳيان لنگهي ٿو. ڪوهه سليمان جي ڊيرا بگٽي ٽڪرين جون نيون ان واهه جي اسٽرڪچر لاءِ هر وقت جوکم رهن ٿيون، ان لاءِ ضروري آهي ته ان ڪينال جي رستي ۾ ايندڙ جابلو وهڪرن جي نيڪال لاءِ وڏيون ناليون ٺاهيون وڃن. ان رٿا جي ”پي سي ون“ ۾ پٽ فيڊر جي ساڄي/ ڪڇي ڪينال جي کاٻي پاسي هڪ ڊرين جو به ذڪر آهي، جيڪا بلوچستان ۾ ٺهيل آر بي او ڊي-3 وسيلي انهن جابلو وهڪري کي حمل ڍنڍ تائين کڻي ايندي. اهو وهڪرو لڳ ڀڳ هڪ لک ڪيوسڪس جو هوندو. سنڌ سرڪار کي ان تي ڳڻتي آهي ته حمل ڍنڍ ٻوڏ جي وقت ايترو واڌو پاڻي کڻي نه سگهندي. سنڌ جو چوڻ آهي ته 2012ع ۾ سوا چار لک ڪيوسڪ جي ٻوڏ لٿي هئي ۽ 2022ع ۾ ٻوڏ سبب ان واهه کي گهارا پيا هئا. ايڏي وڏي وهڪري کي سنڌ ۾ ڇڏڻ سان حمل ڍنڍ مان پاڻي آر بي او ڊي -2 ۾ ويندو جيڪو منڇر ڍنڍ تائين پهچندو. ان صورتحال ۾ آر بي او ڊي يا منڇر لاءِ وڏو هاڃو پيدا ٿي سگهي ٿو جيڪو سنڌ جي ساڄي ڪپ واري علائقي لاءِ وڏو خطرو بڻجي سگهي ٿو. خود هڪ گڏجاڻيءَ ۾ واپڊا سائوٿ جي جنرل مئنيجر مڃيو ته ان وهڪري جو اڌ به حمل ڍنڍ ۾ لٿو ته اها ڦاٽي پوندي، هن وقت حمل ڍنڍ ۾ بلوچستان مان چار نيون لهن ٿيون، جن جو ڪل وهڪرو 44 هزار ڪيوسڪ آهي. جيڪڏهن ڪڇي ڪينال واري ڊرين کي حمل ۾ آندو ويو ته ان سان سنڌوءَ جي ساڄي ڪپ وارا علائقا قمبر- شهدادڪوٽ، دادو ۽ سيوهڻ جي پٽي وڏي تباهيءَ جو شڪار ٿي سگهن ٿا. واپڊا جي نااهلي اها آهي جو ان واهه جي ڊزائين وقت اهو نه سوچيائون ته ان جي نين واري ڊرين جو پاڻي ڪيڏانهن ويندو. ڪڇي ڪينال لاءِ مسئلو پاڻيءَ جي کوٽ جو نه پر نيڪال جو آهي.
3- ريڻي ڪينال ۽ ٿر ڪينال: ريڻي واهه واپڊا پاران 20 جنوري 2022ع تي مڪمل ڪري سنڌ حڪومت جي حوالي ڪيو ويو آهي، گڊو بئراج مان نڪرندڙ ان واهه جي وهڪري جي گنجائش 5155 ڪيوسڪ آهي، جيڪو گهوٽڪي ضلعي ۾ 4 لک 12 هزار ايڪڙن کي آباد ڪندو. واپڊا مشرف جي حڪم تي اهو واهه تعمير ڪيو، جنهن تي سنڌ کي منڍ کان اعتراض هو ته ان لاءِ 1991ع واري ٺاهه ۾ پاڻي رکيل ئي ناهي. واپڊا ان واهه جي ٻئين مرحلي ۾ ان جي پاڻيءَ وسيلي اٽڪل 3 لک ايڪڙن تي پوکيءَ لاءِ پاڻي پهچائڻ جو نظام ٺاهڻ گهري ٿو. سنڌ حڪومت جي اعتراض کان پوءِ ان جي ٻئين مرحلي کي روڪي ان جي ٽئين مرحلي تي ويچار شروع ڪيو ويو، جنهن کي ٿر ڪينال جو نالو ڏنو ويو آهي. ان لاءِ ريڻي ڪينال کي هاڪڙي درياهه جي آڳاٽي وهڪري سان ڳنڍيو ويندو. سنڌ واضح ڪيو آهي ته ٿر واهه کي ”ٻوڏ واهه“ طور ڏٺو ويندو، جنهن لاءِ رڳو ٻوڏ جي صورت ۾ مهيا ٿيندڙ واڌو پاڻي دستياب ٿي سگهندو. خود ريڻي واهه به وڏي چاڙهه وقت واڌو پاڻي مهيا ٿيڻ جي صورت ۾ ئي پاڻي کڻي سگهندو، ڇو ته ان جو پاڻي 1991ع واري ٺاهه ۾ رکيل ئي نه هو. ياد رهي ته واپڊا پاران هڪ خط ۾ (پهرين نومبر 2019ع) ٿر واهه کي دفاعي اهميت سان به ڳنڍيو ويو هو. سنڌ سرڪار ٿر واهه جي ”پي سي ون“ تي پاڻيءَ واري وزارت کي پنهنجا ڪمينٽس به موڪلي چڪي آهي.
4. چشما رائيٽ ڪينال (سي آر بي سي): هي واهه پنجاب جي چشما بئراج مان نڪري خيبرپختونخواهه جي ڊيرا اسماعيل خان واري علائقي کان ٿيندو پنجاب جي تونسا واري پٽيءَ کي آباد ڪندو. ان واهه تي ڪل 6 لک 6 هزار ايڪڙ زمين آباد ٿيندي، جنهن مان 366000 ايڪڙ خيبرپختونخواه ۾ ۽ 240000 ايڪڙ پنجاب ۾ آهي. ان واهه جو وهڪرو 2533 ڪيوسڪ آهي. هي ڪافي آڳاٽو پروجيڪٽ آهي، جنهن تي مختلف مرحلن ۾ ڪم هلندو رهيو آهي. هن وقت جنهن مرحلي جي ڳالهه هلي رهي آهي، اهو خيبرپختونخوا جي ڊيرا اسماعيل خان جي علائقي لاءِ آهي ۽ اهو صوبي جي پنهنجي حصي جي پاڻيءَ مان ئي ٺهندو. سنڌ کي ان رٿا تي ڪو اعتراض ناهي.
5. چولستان فلڊ فيڊر ڪينال: هيءُ واهه سمالر چولستان رٿا جو حصو آهي. 25 جنوري 2024ع تي ارسا ان واهه لاءِ پاڻي موجود هجڻ جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو، جنهن تي سنڌ پاران اعتراض واريندي گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي سمري اماڻي وئي آهي، پنجاب هن رٿا هيٺ ستلج درياهه جي سليمانڪي هيڊ ورڪس وٽان 4122 ڪيوسڪس جو هڪ فيڊر ڪينال ڪڍڻ چاهي ٿو، جنهن مان اڳتي چئن واهن جي هڪ ڄار (نيو فتح ڪينال، نيو مراد ڪينال، نيو هڪڙا ڪينال ۽ نيو هيرن ڪينال) وسيلي بهاول نگر ۽ بهاولپور جي ريگستان يعني چولستان ۾ 610237 ايڪڙ زمين آباد ڪئي ويندي، ان لاءِ رسول- قادر آباد لنڪ ڪينال، قادر آباد- بلوڪي لنڪ ڪينال ۽ بلوڪي- سليمانڪي لنڪ ڪينال جي سڌاري ۽ گنجائش وڌائڻ جا ڪم به رٿا جو حصو آهن. ارسا پاران اهو سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ مهل سنڌ جي ميمبر ان تي اعتراض واريو هو. سنڌ جو اعتراض آهي ته ارسا رڳو 1991ع جي پاڻي ورهاست جي نظرداريءَ لاءِ ٺاهي وئي هئي ۽ ان کي ڪنهن به ٻيءَ رٿا لاءِ سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ جو اختيار ناهي.
سنڌ جو اعتراض آهي ته ان رٿا لاءِ بظاهر ته ٻوڏن جو واڌو پاڻي ذريعي طور ڏيکاريو ويو آهي پر 1999ع کان 2023ع وچ ۾ پنجاب اندر 13.7 سيڪڙو پاڻي کوٽ ڏيکاري وئي آهي، ٻوڏن جي پاڻيءَ تي ايڏي وڏي ڪمانڊ ايريا ڪيئن ٿي تيار ڪري سگهجي! ٻوڏون هر سال ته نه اينديون. ان صورت ۾ جيڪڏهن ڪجهه سالن جو سوڪهڙو اچي وڃي ته ڇا پنجاب اها زمين آباد ڪرڻ ڇڏي ڏيندو؟ سنڌ کي خدشو آهي ته ان صورت ۾ پنجاب لنڪ ڪينالن وسيلي سنڌوءَ مان پاڻي موڙي ان ڪمانڊ جي ضرورت پوري ڪندو.
مجموعي طور انڊس بيسن ۾ پاڻي ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيو آهي. 1976ع کان 1998ع وچ ۾ ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ سراسري ساليانو وهڪرو 40.69 ملين ايڪڙ فوٽ هو، جيڪو 1999ع کان 2022ع وارن ورهين ۾ گهٽجي 14 ملين ايڪڙ ٿي چڪو آهي، ٻئي پاسي نوان واهه به ٺاهيا پيا وڃن. ان صورتحال ۾ ٻوڏ جي وهڪرن تي دارومدار رکندڙ واهه ٺاهڻ ۽ ڪمانڊ ايريا ڊولپ ڪرڻ آبپاشيءَ جي بنيادي اصولن جي ابتڙ آهي. ائين سنڌ کي انهن واهن تي اعتراض ۽ خدشا آهن، سنڌ کي اهي به اعتراض آهن ته پنجاب جي حدن اندر سنڌو درياهه مان واڌو پاڻي وهايو وڃي ٿو، جنهن جي پڻ آڊٽ ڪرائڻ جي ضرورت آهي.
جيتوڻيڪ سنڌ اهي معاملا گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ کڻي وئي آهي پر اهو نه وسارڻ گهرجي ته اتي به اٺن مان چار ميمبر پنجاب سان تعلق رکن ٿا ۽ پختونخوا جي هڪ وفاقي ميمبر جو تعلق به نواز ليگ سان آهي. ان صورتحال ۾ جڏهن اڪثريتي بنيادن تي فيصلا ٿيندا ته پوءِ سنڌ جي موقف جي خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان به شايد حمايت نه ڪندا. ماضيءَ ۾ به سنڌ ان پليٽ فارم تان ڪا نمايان ڪاميابي ناهي ماڻي. هن صورتحال ۾ سنڌ کي مطالبو ڪرڻ گهرجي ته ڪنهن پرڏيهي ساکائتي ڪنسلٽنٽ اداري کان انهن واهن جي ٽيڪنيڪل فزيبلٽي چيڪ ڪرائي وڃي. اهڙا فيصلا رڳو اڪثريتي ووٽن آڌار نه پر فني ماهرن جي اڀياس جي روشنيءَ ۾ ڪرڻ گهرجن. جيڪڏهن اهڙيون رٿائون فني ميرٽ بجاءِ ڏنڊي جي زور تي ٺهرايون ويون ته صوبن وچ ۾ پاڻيءَ تان هلندڙ تڪرار ۾ وڌيڪ شدت اچي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو