ڇوڪري جي اغوا خلاف اڄڻ برادري جو احتجاج

ڪوٽڏيجي(غلام الله سيال) ڳوٺ مٽڙي ۾ سورنهن سالا ناري شبانه ڌيء ممتاز اڄڻ مبينا اغوا، وارثن پاران پنهنجي ئي برادري جي ماڻهن تي اغوا جو الزام، ناري جي والدين ممتاز اڄڻ ۽ بيگم خاتون مائٽن سان گڏجي احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن الزام هڻندي ٻڌايو ته دين محمد اڄڻ، ڪامل اڄڻ، شرف الدين اڄڻ ، امام دين اڄڻ, غفور ۽ سائين ڏنو اڄڻ منهنجي ڌي شبانه کي هٿيارن جي زور تي اغوا ڪري ويا آھن. جنهن جو اطلاع اسان پوليس کي به ڏنو آھي پر پوليس ڪا به ڪاروائي نٿي ڪري , اسان ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي نياڻي مٿي ڄاڻايل اغوا ڪارن کان واپس ڪرائي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو