ڊالر 277 رپيا 60 پئسا ٿي ويو،اسٽارڪ مارڪيٽ ۾ ٻاڙائي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اڄ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن انٽر بئنڪ ايڪسچينج ۾ آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ 4 پئسا گهٽتائي ٿي وئي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 4 پئسا سستو ٿي 277 رپيا 60 پئسا ٿي ويو.گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 277 رپيا 64 پيسا تي هو. اڄ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروبار جي منفي شروعات ٿي آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج 100 انڊيڪس 323 پوائنٽن جي گهٽتائي سان 80 هزار 968 تي بند ٿي ويو.گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ انڊيڪس 81,292 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو