ڊالر 278 رپيا 40 پئسا،ايڪسچينج ۾ هاڪاري شروعات

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)انٽر بئنڪ ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ 5 پئسا گهٽتائي ٿي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 5 پئسا سستو ٿي 278 رپيا 40 پئسا ٿي ويو. ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 45 پئسا تي هو. ٻئي طرف پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروبار جي شروعات تي مثبت رجحان سامهون آيو آهي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 385 پوائنٽس جي واڌ کانپوءِ 78 هزار 378 تي اچي ويو.ڪالهه ڪاروبار بند ٿيڻ تي انڊيڪس 77 هزار 992 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو