ڊالر 278 رپيا 8 پئسا ٿي ويو،اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ تيزي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اڄ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن انٽر بئنڪ ۾ آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ 8 پئسا گهٽتائي ٿي آهي.انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 8 پئسا سستو ٿي 278 رپيا 8 پئسا ٿي ويو.گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ انٽربينڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 16 پيسا تي هو.هوڏانهن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڄ ڪاروباري هفتي جي پهرين ڏينهن تي مثبت رجحان ڏٺو پيو وڃي.پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 100 انڊيڪس 307 پوائنٽس وڌي 79640 تي پهچي ويو.گذريل ڪاروباري هفتي جي آخر ۾ انڊيڪس 79,333 پوائنٽس تي بند ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو