ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)مشهور اسلامي اسڪالر ۽ مبلغ ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ اسلام آباد پهچي ويو.وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود ۽ مذهبي معاملن واري وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري عطا الرحمان سندن آجيان ڪئي.ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ اسلام آباد، ڪراچي ۽ لاهور ۾ عوامي ميڙاڪن کي خطاب ڪندو.پاڪستان ۾ دوري دوران هو اعليٰ سرڪاري عملدارن سان ملاقاتون به ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو