ڊاڪٽر شاهنواز جي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ قتل خلاف احتجاج جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سول سوسائٽي پاران عمرڪوٽ واسي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ قتل خلاف 13 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ احتجاج جو اعلان ڪيو ويو آهي ذوالفقار ڀٽو جونيئر، شيما ڪرماڻي، سنڌو نواز گهانگهرو ۽ ٻين ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي قتل تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ذوالفقارعلي ڀٽو جونيئر چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز جو قتل رڳو سنڌ نه پر سموري ملڪ لاءِ ڳڻتيءَ جوڳو آهي، سنڌ ۾ ماحولياتي تبديلي، اقليتن سان زيادتين ۽ زرداري گروپ سان منهنجو ڪو به تعلق نه آهي، منهنجي بابا به ملڪ ۾ بهتريءَ لاءِ ڪم ڪيو جنهن تي کيس شهيد ڪيو ويو شيما ڪرماڻي چيو ته مذهب جي نالي تي رتوڇاڻ جو ماحول متل آهي، سنڌ ۾ مدرسه ڪلچر نه هجڻ گهرجي، ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل ۾ ملوث ماڻهو آزاد گهمي رهيا آهن انهن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي سنڌو نواز گهانگهرو چيو ته ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل خلاف احتجاج ڪرڻ تي مون کي قتل جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن، ڌمڪين کان ڊڄڻ وارا نه آهيون ڪامريڊ عاليه بخش ٿلهو ۽ ٻين چيو ته 13 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ اهو پيغام ڏينداسين ته اسان انتهاپسندي کان ڊڄڻ وارا نه آهيون

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو