ڊاڪٽر ڪنڀر جون چار پاسريون ڀڳل هيون، ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ

ميرپور خاص(ن س )ميرپورخاص ۾ جعلي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويل ڊاڪٽر شاهنواز جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچي وئي آهي.ابتدائي پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب ڊاڪٽر شاهنواز جي لاش جي قبرڪشائي کانپوءِ رپورٽ ۾ ظاهر ٿيو ته ڊاڪٽر شاهنواز جون چار پاسراٽيون ٽٽل مليون، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر شاهنواز کي سيني جي پٺيءَ تي سخت ڌڪ هنيو ويو هو.رپورٽ موجب منهن ۽ مٿي سميت هٿ ۽ پيرن جا نهن سڙيل مليا آهن.ميڊيڪل بورڊ جي پنج رڪني ٽيم شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي.توهين رسالت ڪيس ۾ نامزد ڊاڪٽر شاهنواز جو پوسٽ مارٽم 16 آڪٽوبر تي ڪرايو ويو. وارثن ڊاڪٽر شاهنواز تي تشدد جو خدشو ظاهر ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو