ڊاڪٽر شاهنواز ڪيس ۾ جي آءِ ٽي جوڙي وڃي، ايس ايڇ ار سي پي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هيومن رائيٽس ڪميشن توهين رسالت جي الزام هيٺ ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل جي رپورٽ حڪومت کي جمع ڪرائي ڇڏي.رپورٽ موجب ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ جي ايس ايس پيز ۽ ڊي آءِ جي به ڊاڪٽر جي گرفتاري کان انڪار ڪيو پر بعد ۾ ٽنهي آفيسرن اعتراف ڪيو ته جوابدار کي ڪراچي مان گرفتار ڪيو ويو آهي.رپورٽ موجب جاچ کانپوءِ ايف آءِ اي کان ٽيڪنيڪل مدد نه ورتي وئي، جڏهن ته 2 ڏينهن تائين مقتول جي پوسٽ مارٽم رپورٽ نه ڏني وئي ۽ ايم او موڪل تي هليو ويو.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڊاڪٽر شاهنواز جي قتل جي ذميوارن جي نشاندهي لاءِ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو