ميرپورخاص:(ن س ) ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر ڪيس جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٻڌڻي، ايف آءِ آءِ پاران عدالت ۾ حتمي چالان پيش، ڪيترائي نوان انڪشاف سامھون اچي ويا، ميرپورخاص پوليس ھٿان جعلي مقابلي ۾ مارجي ويل ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر ڪيس جي ٻڌڻي ميرپورخاص ھي دھشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٿي، جنھن ۾ ايف آءِ اي عملدارن 29 صفحن تي ٻڌل حتمي چالان عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آھي. حتمي چالان ۾ ڄاڻايو ويو آھي تھ ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي کي گوليون ھڻڻ ۾ سي آءِ اي پوليس جي ٻن اھلڪارن نادر پرويز ۽ غلام قادر جا سرڪاري ھٿيار استعمال ٿيا آھن. چالان ۾ اھو پڻ چيو ويو آھي تھ ڊي آءِ جي ميرپورخاص جاويد جسڪاڻي ايس ايس پي ميرپورخاص اسد علي چوڌري سان لاڳيتو رابطي ۾ ھو ۽ عمرڪوٽ جو ايس ايس پي آصف رضا بلوچ وري مولوي عمر جان سرھندي سان لاڳيتو رابطي ۾ ھو. چالان ۾ اھو پڻ انڪشاف ڪيو ويو آھي تھ مولوي عمر جان سرھندي جا ماڻھو ۽ ڊاڪٽر شاھنواز کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ويل عمرڪوٽ پوليس جي ٽيم سان سان لاڳيتو رابطي ۾ ھئا. چالان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آھي تھ ايس ايس پي ميرپورخاص اسد علي چوڌري ھڪ سم جيڪا غلام اڪبر جي نالي سان ھئي، ان سان لاڳيتو رابطي ۾ ھو ۽ غلام اڪبر وري سي آءِ اي ميرپورخاص جي اھلڪار محمد اقبال سان رابطي ۾ ھو. چالان ۾ ڄاڻايو ويو آھي تھ سي آءِ اي اھلڪار محمد اقبال جي لوڪيشن مولوي عمر جان سرھندي سان گڏ سفر ڪندي آبزرو ڪئي وئي آھي. ايف آءِ اي پاران اھو پڻ انڪشاف ڪيو ويو آھي تھ واقعي وقت عمرڪوٽ جو ايس ايس پي ميرپورخاص جي مھراڻ ٿاڻي تي موجود ۽ ميرپورخاص جو ايس ايس پي سي آءِ اي سينٽر ميرپورخاص ۾ موجود ھو ۽ ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي جي ھدايتن تي ڊاڪٽر شاھنواز کي ميرپورخاص پوليس حوالي ڪيو ويو. چالان ۾ اھو پڻ ڄاڻايو ويو آھي تھ واقعي کان ڪجھ ڏينھن پوءِ الزام ھيٺ آيل اھلڪارن 15 لک رپيا بھ ھڪ اڪائونٽ ۾ موڪليا. ايف آءِ آءِ پاران ڄاڻايو ويو آھي تھ ڄاڻايل رپورٽ جوابدارن جي موبائل فونز جي فارنزڪ رپورٽ جي روشنيءَ ۾ جوڙي وئي آھي. اھڙو چالان جمع ڪرائڻ کان پوءِ ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي 26 فيبروري تائين ملتوي ڪئي وئي آھي. ھوڏانھن ڊاڪٽر شاھنواز ڪيس جي فريادي ايڊووڪيٽ ابراھيم ڪنڀر چيو آھي تھ اڄ ايف آءِ اي اھلڪارن حتمي چالان پيش ڪيو آھي، اسان ان جو جائزو وٺي، انھن ماڻھن کي بھ ڪيس ڪيس ۾ شامل ڪنداسين، جن ميرپورخاص جي ڊي آءِ جي آفيس ۾ جشن ملھايو ۽ انھن کي بھ شامل ڪنداسين جن سوشل ميڊيا ذريعي ماڻھن کي ڀڙڪائڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو.
![](https://www.dailysindhyar.com/wp-content/uploads/2025/02/Dr-Kunbhar.jpg)